21 بدھ , نومبر 2018

مادر جهموريت بيگم نصرت ڀٽو کي وڇڙئي 7 سال ٿي ويا، اڄ ورسي

ڪراچي( رپورٽر)مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ ستين ورسي ملهائي ويندي، ان حوالي سان پ پ قيادت کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ عوامي جدوجهد جي تاريخ نصرت ڀٽو جي ذڪر بنا مڪمل نه آهي، اهڙو اظهار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته نصرت ڀٽو ضياءَ جي آمريت کي للڪاريندڙ پهرين آواز هئي، ان ملڪ جي سمورين جمهوري قوتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري جمهوريت جي بحالي لاءِ تاريخي تحريڪ هلائي. ٻئي طرف پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپش واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي ستين ورسي جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پ پ اڳواڻن  چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جو جمهوريت لاءِ ڪردار ۽ قرباني ناقابل فراموش آهي هن جمهوريت لاءِ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون ان تي جيالن ۽ ملڪي عوام کي فخر آهي هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ عوامي حقن لاءِ سرگرم ماڻهن لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي. ڇو ته انهن جهڙي صبر، حوصلي ۽ ثابت قدمي کان بغير ڪو به عوامي جهدوجهد ڪارآمد ثابت نٿي ٿي سگھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے