21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ: ڪشمور: گهر اندر ستل نوجوان کي ڪنهن ڪيو قتل؟ڄاڻي ٿيندا حيران

*ڪشمور  ويجهو اڻڄاتل هٿياربند  گهر ۾ گهڙي گهر اندر ستل نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

گڊو بئراج ويجهو  ڳوٺ محمد يعقوب سومرو ۾ اڻڄاتل هٿياربند 35 ورھين جي عزيز ﷲ ميراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

اطلاع  تي گڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڪشمور جي تعلقا اسپتال پهچايو جتان مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ايس ايڇ او گڊو سڪندر سومرو  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

هن ٻڌايو تھ وارثن موجب رات جو  2 وڳي  واقعو پيش آيو جڏھن نوجوان پنهنجي گهر ۾ ستل ھو ته اڻڄاتل  جوابدارن گهر ۾ گهڙي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا.

سندس چوڻ هو تھ هو جاچ ڪري رهيا آهن تمام جلد جوابدارن کي گرفتٿار ڪيو ويندو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے