21 بدھ , نومبر 2018

سعودي عرب کان قرض وٺڻ چاهيون ٿا، آءِ ايم ايف کان سواءِ ڪو رستو ناهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته دوست ملڪن کان مالي مدد يا عالمي مالياتي فنڊ کان قرض وٺڻ سواءِ ڪو رستو ناهي. سعودي عرب روانگي کان اڳ برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته پاڪستاني معيشت جي بهتري لاءِ سعودي عرب کان قرض وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ملڪ تاريخ جي بدترين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان وٽ ٻن ٽن مهينن کان وڌيڪ مٽا سٽا جا ذخيرا ناهن. هن سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان چيو ته ڪانفرنس ۾ منهنجي شرڪت جو هڪ سبب جيڪو مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مان اهو موقعو سعودي قيادت سان ڳالهه ٻولهه لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هن وقت 21 ڪروڙ عوام جو ملڪ تاريخ جي بدترين بحران جو شڪار آهي. عمران خان چيو ته دوستن ملڪن يا آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، جيڪڏهن قرض نه ورتوسين ته ڏي وٺ جا ذخيرا ايترا به ناهن جو اسان وڌيڪ ٻه ٽي مهينا پنهنجي خريداري جي ادائيگي ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ شايد آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪ کان وٺڻ جي ضرورت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجند مان سنڌو ۾ ڇوڙ بند، پنجاب جي تڪراري ٽي پي لنڪ مان کڻت

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو ) تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان روزانو هڪ کان 2 فٽ  پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے