17 ہفتہ , نومبر 2018

جسٽس انوار الحق لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻي ورتو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) جسٽس محمد انوار الحق لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد انوار الحق لاهور هاءِ ڪورٽ جي 47 هين چيف جسٽس طور عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کيس عهدي جو قسم کڻايو.  گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيل سادي ۽ پروقار تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن، صوبائي وزيرن، پاڪستان بار ڪائونسل جي وائس چانسلر،  لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ لاهور بار ايسوسيئشن جي صدر ۽ ٻين عهديدارن سميت سينئر وڪيلن، وفاقي ۽ صوبائي لا آفيسرن، سول ۽ فوجي آفيسرن توڙي اختيارين شرڪت ڪئي. اڳوڻو چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد يار علي مدو پورو ٿيڻ بعد رٽائر ٿي ويو آهي. ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيل 6 ججن ۽ نون مقرر ٿيل 8 ايڊيشنل ججن به پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد انوار الحق هنن کان عهدي جو قسم کڻايو. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن، آفيسرن ۽ قسم کڻندڙ ججن جي عزيزن شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے