15 جمعرات , نومبر 2018

هيل لطف پيرزادو ۽ خورشيد ٻگهيو ڀٽ شاهه جي ميلي تي نه هوندا!

زرار پيرزادو

  • ڀٽائي جو فقير، ڀٽائي جو عاشق ۽ ڀٽائيءَ جو اهو پارکو جيڪو جڏهن ڀٽائي صاحب جي بيتن جي تشريح ڪندو هو ته لڳندو هو ته اهو ئي ڀٽائي صاحب جو درست ۽ حقيقي تعارف آهي ۽ جنهن جي تشريح مان محسوس ٿيندو هو ته واقعي به ڀٽائي صاحب ايئن ئي هوندو يا کين ايئن ئي هئڻ گهرجي.
  • لطف پيرزادو جنهن جو گذريل ڇنڇر تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ چاليهو ڪيو ويو، تنهن موقعي تي ٿيل ادبي تقريب ۾ ڪامريڊ حميد سومري هڪ دلچسپ حوالي سان ٻڌايو ته جيئن جڏهن ويسٽ انڊيز جو بيٽسمين ولوين رچرڊ بيٽنگ ڪندو هو ته لڳندو هو ته بيٽنگ ته صفا سولي آهي پر رچرڊ آئوٽ ٿي ويندو هو ته پوءِ بيٽنگ ڪرڻ ڪو ڏکيو فن لڳندو هو ايئن ئي جڏهن لطف پيرزادو ڀٽائي جا بيت پڙهندو هو ته اهي سولا لڳندا هيا جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڀٽائي جا بيت ڏکيا آهن.
  • سو لطف، ڀٽائي جي انهن پارکن مان هڪ آهي جن جي وڇوڙي سان ڀٽائي جي شاعري کي سمجهڻ وري ڏکيو عمل ٿي ويندو.
  • لطف جو ڀٽ شاهه تي وڃڻ جو سلسلو جيڪو 1969ع يعني سندس نوجواني کان شروع ٿيو، سو آخري پيڙهيءَ تائين جاري رهيو. هو ڀٽ شاهه جو 16 صفر تي ختم ٿيندڙ عرس جي شام تي اتان سڌو وري جهوڪ ڏانهن روانو ٿي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته 16هين صفر کان وري شهيد شاهه عنايت جو ميلو شروع ٿيندو آهي.
  • اهو لطف پيرزادو اسان کي اڄ شام کان شروع ٿيل شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ تي پهريون ڀيرو نظر نه ايندو ۽ ايئن ڀٽ شاهه جو سينيئر صحافي خورشيد ٻگهيو به اسان کي هن ميلي تي ميڊيائي ڪوريج ڪندي ۽ ٻين شهرن کان آيل دوستن جي ميزباني ڪندي نظر نه ايندو، خورشيد ٻگهيو به صفر مهينو اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ گذاري ويو هو.
  • لطف پيرزادي جي جاءِ تي هيل اسان کي لطف جو آخري ساٿي صوفي فقير اقرار پيرزادو نظر ايندو جيڪو لطف جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته خورشيد ٻگهيو جي جاءِ تي سندس پٽ نوشاد ٻگهيو ڀٽ شاهه تي پيءُ وارو ڪم ڪندي نظر ايندو.
  • ماڻهو ته اچڻو وڃڻو آهي، پر اهم ڳالهه آهي تسلسل جي، ماڻهو پنهنجي عمل سان ڪا روايت بڻجي وڃي ۽ روايت قائم ڪري وڃي سا غير معمولي ڳالهه آهي. لطف پيرزادي ۽ خورشيد ٻگهيو جي واٽ ۽ روايت تي هلڻ لاءِ هو اتساهه ۽ ويساهه ڇڏي ويا آهن.
  • اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته جن ڀٽائي جي عاشقن، ڀٽائي سان عقيدت جو اڻ ٽٽندڙ ناتو جوڙيو تن سان ڀٽائي صاحب به روحاني طور تي پير پئي کنيو آهي.
  • جڏهن لطف پيرزادي کي پنهنجي جوان پٽ جو چچريل لاش مليو ته اهو وصول ڪرڻ لاءِ ڀٽائي صاحب لطف جي اندر ۾ وڇايل تڏي تي اچي ويهي رهيو هو.
  • لطف جيڪو ڀٽائي جي شعرن ۾ جوان پٽ جو لاش وصول ڪيو ۽ ڀٽائي جي شعرن ۾ تعزيتون وصول پئي ڪيون، سو لطف نه پر ڀٽائي صاحب پاڻ اظهاري رهيو هو ۽ ايئن هو لطف جو آواز بڻجي ويو هو.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي به ڀٽائي صاحب لطف پيرزادي جي چاليهي تي پنهنجا راڳي فقير ڳوٺ ٻلهڙيجي موڪلي ڇڏيا ته لطف هيل نه اچي سگهندو سو اوهان کيس پنهنجو راڳ ٻڌائي اچو. ايئن ڀٽائي جي راڳي فقيرن ٻلهڙيجي ۾ پهريون ڀيرو اچي لطف جي تربت جي ويجهو ويهي کيس ۽ ٻلهڙيجي واسين کي پنهنجو راڳ ٻڌايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے