18 اتوار , نومبر 2018

تحريڪ انصاف حڪومت: اقتصادي بحران ۽ ميڊيا جو گهيرو

عارف  نظامي

تحريڪ انصاف جي وزير اعظم عمران  خان جي شايد اها ڪوشش آهي ته هو آخري منٽ تائين ( انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) آءِ ايم ايف وٽ قرض لاءِ نه وڃي. گذريل ڏينهن ملڪ جي ميڊيا جي نمائندن ۽ مالڪن سان هڪ اعلى اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميديا جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي خاص ڪري پرنٽ ميڊيا جي جن مسئلن ۽ معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جن کي هن وقت پرنٽ ميڊيا سڄي ملڪ ۾ منهن ڏئي رهي آهي. انهيءَ اجلاس ۾ عمران خان انهيءَ عزم جو اظهار ڪيو ته اقتصادي بحران مان نڪرڻ لاءِ هاڻي اسان کي آءِ ايم ايف جي مدد جي ضرورت نه پوندي، جيڪا ڳالهه اجلاس ۾ شريڪ ميڊيا جي نمائندن لاءِ حيران ڪندڙ هُئي.

تحريڪ انصاف جي اقتدار ۾ اچڻ جي ڇهن هفتن جي لڳاتار جدوجهد ۽ ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي مسئلن تي ڊگهن بحثن بعد ناڻي واري وزير اسد عمر جهڙوڪر شرمائيندي شرمائيندي چيو هو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي قرض جي انتهائي سخت ضرورت آهي ۽ ان بعد حڪومت آءِ ايم آيف کي 7.5  / ساڍا ست ارب ڊالرن جي ڊگهي مدت وارن قرضن لاءِ درخواست ڪئي هُئي، سندس چوڻ هو ته ان بعد پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي قرضن جي ضرورت نه پوندي.

وزير اعظم عمران خان موجب ته هُن پاڪستان جي دوست ملڪن کي جيڪا مالي مدد جي اپيل ڪئي هُئي انهن وٽام مثبت موٽ ملي آهي، پر عملي طور تي هو سعودي عرب مان خالي هٿين موٽيو هو ۽ ٻئي ڪنهن ملڪ به هن وقت تائين ڪنهن مدد جو اعلان نه ڪيو آهي، عمران خان هاڻي ٻيهر سعودي عرب هڪ اعلى سطحي سيڙپڪار ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ جي تيارين ۾ آهي.

عمران خان جنهن اعلى سطحي سيڙپڪاريءَ واري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو آهي، اها ڪانفرنس جنهن  جي ايجنڊا “Future Investment Initiative Conference (FIIC)  ” آهي، ڪانفرنس جي انهيءَ تصور جو خالق شهزادو محمد بن سلمان آهي جيڪو هن وقت سعودي عرب جو حڪمران آهي. شهزادي محمد بن سلمان جي هن وقت سعودي عرب جي نامياري صحافي جمال خشوگيءَ جي گمشدگي ۽ قتل پويان هڪ اهم ڪردار طور پڻ سڃاڻپ ٿي رهي آهي، جمال خشوگي سعودي عرب جي هڪ باغي صحافيءَ طور تي مشهور هيو ۽ هو پنهنجي آرٽيڪلن ۽ مضمونن ۾ سعودي حڪومت تي تنقيد ڪندو رهيو هو، جمال خشوگيءَ کي ترڪيءَ ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني ۾ انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو.

جمال خشوگيءَ جي قتل بعد انهيءَ ڪانفرنس مان دنيا جي اهم ترين ملڪن ۽ مالياتي ادارن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن ملڪن ۽ ادارن ۾ آمريڪا جي خزاني واري وزير اسٽيو منوچن، برطانيا جي واپار جي سيڪريٽري ليما فوڪس، آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽني ليگارڊي، ڊينمارڪ ۽ فرانس جي خزاني وارن وزيرن، ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن، واپاري شخصيتن پڻ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي جڏهن وزيراعظم انهيءَ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ دنيا جي اڪثر مالياتي ادارن جي سربراهن شرڪت کان انڪار ڪيو آهي ته اهڙي ڪانفرسن ۾ شرڪت لاءِ وزير اعظم وٽ ڪو موثر دليل پڻ هجڻ گهرجي.

وزير اعظم عمران خان کي هن دفعي اها خاطري ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اڳ هُن سعودي حڪمرانن کي پنهنجي دولت جو ڪجهه حصو پاڪستان جي بينڪن ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو هو ته جيئن پاڪستان جي معيشت بهتريءَ طرف وڌي، هن دفعي به صورتحال اها آهي ته ڄاڻايل ڪانفرنس ۾ انتهائي مصروف هجڻ ڪري شهزادو محمد بن سلمان اسلام آباد جي ضرورت طرف ڌيان ڏئي نه سگهندو، جڏهن ته عمران خان جي سعودي عرب جي پهرين دوري بعد سڌ سماءَ کاتي جو وفاقي وزير اهو چي چڪو آهي ته اسلام آباد لاءِ اهو انتهائي ناممڪن آهي ته هو سعودي عرب جا شرط مڃي سگهجي.

وزير اعظم عمران خان ايندڙ مهيني جي شروع واري هفتي ۾ چين جي دوري جو ارادو پڻ رکي ٿو ، واضع هُجي ته چين نگران دور ۾ پڻ پاڪستان کي ٻه ارب ڊالرن جو قرض ڏئي چڪو آهي. پر موجوده اقتصادي صورتحال جي تناظر ۾ پاڪستان چاهي ٿو ته چين سان ٻين ڪيئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وڃي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب چين مالي سال 2018-2019 ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ پاڪستان ۾ سڌي سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن مان سڀ کان اهم ملڪ آهي جنهن مجموعي طور تي سڌي سيڙپڪاريءَ جو 64 / سيڪڙو سيڙپ ڪئي آهي. جڏهن ته گذريل مالي سال جي انهن ئي ڏينهن ۾ چين جي سڌي سيڙپڪاري 43 / سيڪڙو هئي. موجوده حڪومت بعد تحريڪ انصاف جي ڪجهه وزيرن جي غير ذميواراڻن بيانن بعد سي پيڪ جي حوالي سان ڪجهه غلط فهميون ۽ تضاد پيدا ٿيا هيا جنهن ڪري صورتحال ڪافي ڳنڀير ٿي وئي هُئي ۽ نتيجي طور تي چين جي سيڙپڪاريءَ ۾ ڪمي محسوس ڪئي پئي وئي هاڻي اها ذميواري به وزير اعظم عمران خان تي آهي ته هو انهيءَ معاملي کي وري سنئين دڳ تي آڻي جنهن لاءِ سندس جي چيني قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ضروري آهي.

ملڪ جي موجوده  معاشي صورتحال جي پس منظر ۾ آءِ ايم ايف جي انتهائي ضروري ڪردار کي جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان نظر انداز ڪرڻ گهري ٿو ته کيس گهرجي ته ملڪ جي معيشت کي ڊگهي مدت وارن بنيادن تي نئين سري سان تعمير ڪري ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي ڪجهه مشڪل ترين شرطن کي قبول ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته انهن کي به قبول ڪري وٺجي. ميڊيا جي عيوضين سان ملاقات دوران وزير اعظم عمران خان  وري مخالف ڌر تي سخت تنقيد ڪئي، انهيءَ ڏينهن تي مسلم ليگ جي قومي اسميبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت پڻ ڏني وئي. شهباز شريف اهو الزم هڻي چڪو آهي ته نيب ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳٺ جوڙ آهي، ۽ سندس گرفتاري پڻ انهيءَ پس منظر ۾ ٿي هُئي. عمران خان جو مخالف ڌر جي  اڳواڻن خلاف قائم ڪيل موقف جيئن جو تيئن قائم آهي، سندس چوڻ آهي ته مخالف ڌر جو اڳواڻ چور آهي ۽ انهن جي جاءِ جيل آهي.

وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر متعلق جيڪي به بيان ڏئي رهيو آهي انهن مان اهو اندازو ٿئي پيو ته هو انهن بيانن ڏيڻ کان اڳ ڪا سوچ ويچار نه پيو ڪري، سندس بيانن بعد ئي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جهڙوڪر هڪ ٿيڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي. مخالف ڌر ۽ پريس کي خاموش ڪرڻ سندس خواهش نه به هُجي پر سندس موجوده حڪومت جي ڪوششن مان لڳي ائين ئي رهيو آهي، ڏکڻ ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ اهڙي هوا لڳي رهي آهي خاص ڪري بنگلاديش ۾ وزير اعظم حسينه واجد مخالف ڌر کي پارليامينٽ مان گم ڪري چڪي آهي ۽ جڏهن ته سندس ڪوششن سان بنگلاديش جي پريس پڻ خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ بنگلاديش جي موجوده سياسي منظر نامي مان اها ڳالهه چڱي نموني واضع ٿي رهي آهي ته حسينه واجد ايندڙ چونڊن ۾ پڻ سوڀاري ٿيندي.  ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات ۾ وزير اعظم عمران خان اها خاطري ڪرائي ته سندس جا اهڙا ڪي به ارادا نه آهن ۽ سندس خواهش آهي ته ملڪ ۾ ميڊيا آزاد هُجي هُن ميڊيا جي چونڊن دوران پي ٽي آءِ سان ڪيل سهڪار تي پڻ ميڊيا جا ٿورا مڃيا.

اها حقيقت آهي ته هن وقت پاڪستاني ميڊيا کي ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ گذريل ڪجهه هفتن ۾ صحافتي ذميواريون ادا ڪندڙ صحافين کي قتل پڻ ڪيو ويو آهي.پاڪستان صحافين لاءِ ڪا محفوظ جاءِ نه رهي آهي، هن وقت صحافت کي خطرن سان گڏوگڏ ميڊيا هائوسسز جي چينلن کي ڪيئي علائقن ۾ بند ڪيو ويو آهي جن ۾ ڪراچيءَ جا ڊي ايڇ اي، ڪنٽومينٽ بورڊ جا علائقا شامل آهن جڏهن ته پريس خلاف مختلف دٻائن متعلق پڻ ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ملاقات ڪري کيس آگاهي ڏني وئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر وفد کي خاطري ڪرائي ته سندن اهڙين شڪايتن جي خاتمي لاءِ جلد ئي قدم کنيا ويندا ۽ جن علائقن ۾ چينلز جي نشريات بند آهي اها کولائي ويندي ۽ اخبارن جي سرڪيوليشن تي جيڪا بندش آهي اها به ختم ڪرائي ويندي. پر ٻئي ڏينهن تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽر اٿارٽيءَ جو مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ان ميڊيا جي نمائندن ۽ ميڊيا هائوسز جي مالڪن کي جهڙوڪر عجب ۾ وجهي ڇڏيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پاران پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل اهڙو بل جيڪڏهن پاس ٿي وڃي ٿو ته ملڪ جي ميڊيا جا سمورا ادارا ۽ صحافي ان کي حڪومت پاران ميڊيا خلاف کنيل هڪ سفاڪانه قدم طور تي ڏسندا ڇو جو اهڙو بل ميڊيا ۽ اظهار جي آزادي ختم ڪرڻ جي برابر آهي.

اجلاس ۾ وزير اعظم سان ڳالهه ٻولهه دوران اها شڪايت ڪئي وئي ته ملڪ جي روايتي ميڊيا کي ڪڏهن به ڪنهن حڪومت پاران اصل حيثيت ۽ اهميت  نه ڏني وئي آهي، هاڻي جڏهن ته انٽرنيٽ جو دور آهي ۽ مستقبل انٽرنيٽ ۽ ويب سائٽس جو آهي جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا زوال جو شڪار آهي، پرنٽ ميڊيا جي اشاعت جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي جڏهن ته پرنٽ ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ آمدني پڻ گهٽجي رهي آهي ۽ روايتي ٽيليوزن پڻ ختم ٿي رهي آهي. عمران خان ميڊيا جي نمائندن جي وفد جون ڳالهيون انتهائي همدرديءَ ۽ پنهنجائپ سان ٻڌيون ۽ کين يقين ڏياريو ته ميڊيا سان اڳ وارن دورن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي اهو هاڻي نه ٿيندو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جي روايتي ميڊيا هن تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دور ۾ پنهنجو پاڻ کي وري جيئاري ۽ ترقي ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے