17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ ۾ وڌندڙ هيپاٽائيٽس جو مرض ۽ سنڌ هيپاٽائيٽس پروگرام …

سنڌ ۾ ”هيپاٽائيٽس“ جو مرض هاڻي جهڙوڪر هڪ وبا جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ان سان گڏ هڪ خوف جي علامت پڻ بڻجي رهيو آهي، “هيپاٽائيٽس” جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ “ ڪارو ڪامڻ” ڪري چوندا آهن، اڳ جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪاري ڪامڻ جي بيماري ٿيندي هُئي ته اهو حڪيمن سان رجوع ڪندو هئو ۽ گهڻي قدر ٺيڪ به ٿي ويندو هئو پر هاڻي صورتحال تبديل آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي تيئن تيئن سنڌ ۾ ”هيپاٽائيٽس“ بابت صورتحال پڻ ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته دنيا مان 2030ع تائين هيپاٽائيٽس بيماريءَ جي سمورن قسمن جو خاتمو آندو ويندو، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي مقرر ڪيل حدف ۾ ڪُل ٻارنهن سال آهن جڏهن ته هن وقت 2018ع ۾ سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس بيماري هڪ وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، سنڌ ۾ مرندڙ ماڻهن مان هر پندرهون ماڻهو هيپاٽائيٽس بيماريءَ جي ڪنهن نه ڪنهن قسم ڪري موت جو شڪار ٿئي ٿو. سنڌ صوبي جي مجموعي آباديءَ جو 20 کان 25 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائيٽس ( بي ) ۽ ( سي ) جي مرض جو شڪار آهن. سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس مرض جو ڦهلاءَ ڪراچي جي ٻهراڙين وارن علائقن گڏاپ ۽ ڪاٺوڙ ۾ گهڻو ڏٺو ويو آهي ان بعد سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ وارا علائقا ۽ ٻين شهرن ۾ لاڙڪاڻو، شهداد ڪوٽ شامل آهن. هيپاٽائيٽس جي مجموعي قسمن ۽ وائرسز ۾ سنڌ جي 35 سيڪڙو آبادي مبتلا آهي. سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ هيپاٽائيٽس جا مريض سنڌ ۾ آهن.

سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ جيڪا واڌ ٿي رهي آهي ان جهڙوڪر سڄي سنڌي سماج ۽ سنڌ ۾ طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي انتهائي خوف ۾ ورتل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي مجموعي آباديءَ جو 35  سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس جي ڪنهن نه ڪنهن وائرس سبب متاثر آهي، جڏهن ته هيپاٽائيٽس بيماريءَ جي مهانگي ۽ مشڪل هجڻ ڪري اهو ممڪن ئي نه ٿو رهي ته هيپاٽائيٽس بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهو پنهنجو مڪمل علاج ڪرائي سگهن، ڇو جو هيپاٽائيٽس جي ڪنهن به قسم ۾ مبتلا ماڻهن جي اڪثريت انتهائي غريب علائقن جي رهاڪو آهي جن کي زندگيءَ جي بنيادي سهولتن مان ڪابه سهولت ميسر نه آهي، خاص ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي. ان جو مقصد اهو ٿيندو ته جيڪي ماڻهو هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا آهن انهن جو مرڻ طئي ٿيل آهي، فقط انهن جي واري جو انتظار آهي.

انهيءَ صورتحال جي سنگينيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ جي آبادي هن وقت جيڪڏهن 6- ڪروڙ سمجهي وڃي ٿي ته ايندڙ ڏهن سالن جي اندر تقريبا ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائيٽس جي مرض سبب مري وڃڻ گهرجن، ڇو جو هيپاٽائيٽس ۾ مڪمل طور تي مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڇهن مهينن اندر مري وڃي ٿو، باقي هيپاٽائيٽس شروع ٿيڻ، پکڙجڻ ۽ ان جو خطرناڪ ٿيڻ وارو عمل ڪجهه سالن تائين ڦهليل هجي ٿو. موجوده صورتحال سبب سنڌ ۾ صورتحال انتهائي سنگين آهي.

”هيپاٽائيٽس“ جو مرض استعمال ٿيل سرنج جي ٻيهر استعمال حجامن جي دڪانن تي پاڪيءَ، بليڊ جي ٻيهر استعمال ۽ دڪان تي پيل ميري ۽ گندي ٽوال جي بار بار استعمال ۽ گٽر جي نالين جي پاڻيءَ جو واٽر سپلاءِ جي لائينن سان ملڻ سبب گندي پاڻيءَ جي استعمال، هيپاٽائيٽس جي مريض سان جنسي لاڳاپن، گٽرن جي پاڻيءَ سان پيدا ٿيندڙ سبزين جي استعمال سبب ٿئي ٿو جڏهن ته ان جا ٻيا به ڪيئي سبب آهن.

هن وقت جيڪا انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي  صورتحال آهي ان موجب سڄي سنڌ ۾ اهڙا ڪي به اپاءَ نظر نه ٿا اچن جيڪي سنڌ ۾ ويجهي مستقبل ۾ ايڏي وڏي موت کي روڪڻ لاءِ موثر ثابت ٿين، سنڌ حڪومت سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض کي روڪڻ لاءِ پڻ هڪ ”سنڌ هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام“ شروع ڪيو آهي پر سڄي سنڌ مان پهچندڙ اطلاعن جي تناظر ۾ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته مذڪوره پروگرام انتهائي غير فعال ۽ ناڪام رهيو آهي.

ميڊيا جي  ايندڙ اطلاعن مان اهي ڳالهيون به چٽيون ٿي رهيون آهن ته سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ ”هيپاٽائيٽس“ جي مريضن کي رجسٽر ڪرڻ ۾ پڻ ڪوتاهيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيڪي مريض رجسٽر آهن انهن جي علاج ۾ پڻ ڪوتاهيون ٿين ٿيون، جنهن ڪري مرض جي گهٽجڻ بجاءِ ان ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي.

سنڌ ۾ هڪ طرف ”هيپاٽائيٽس“ جي مرض ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، ٻئي طرف ان جي خاتمي لاءِ ڪي موثر اپاءَ نه پيا ورتا وڃن، انهن ٻنهي ڳالهين گڏجي ڪري صورتحال کي ويتر سنگين بڻائي ڇڏيو آهي، اسين انهيءَ ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي فقط ڪجهه گذارشون ڪنداسين. اسين اميد ڪيون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪو موثر ڪردار ادا ڪيو ته هوند سنڌ ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچي ويندي، سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريان ضروري ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت انهيءَ مرض جي پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن ۽ انهن جي موثر علاج جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪا مهم هلائي، سنڌ حڪومت جون تعلقي سطح تائين اسپتالون ۽ يونين ڪائونسل سطح تائين بيسڪ هيلٿ سينٽر آهن انهن کي فعال ڪري انتهائي هيٺين سطح تائين اهڙي ڄاڻ مهم کي موثر بڻائي سگهجي ٿو، اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي آگاهي پروگرام ڏياري سگهجن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال پڻ ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت جي شروع ڪيل ”هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام“ کي فعال بڻائي ۽ ان کي هر صورت ۾ ڪرپشن کان پاڪ بڻائي، سنڌ ۾ موجود هيپاٽائيٽس جي مريضن جي هنگامي بنيادن تي سروي ڪرائي انهن جي رجسٽريشن ڪرائي ۽ لاڳاپيل ضلعن جي اسپتالن کي انهن جي علاج لاءِ رڪارڊ فراهم ڪري انهن جي علاج جو تاڪيد ڪيو وڃي، ان سان گڏ عوام تي به لازم آهي ته اهو پنهنجي معاشري کي صحت مند بنائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن سان سهڪار ڪري ۽ عوامي سطح تي پڻ اهڙي جاڳرتا مهم پاڻ به هلائي.

اسين سمجهون ٿا ته بيماريءَ جو موثر علاج ٿيڻ ضروري آهي، پر ان کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته  بيماري پيدا ٿيڻ جي امڪانن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ختم ڪيو وڃي، اسين اهو به سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ وڏي وبا آهي جنهن کي سموري معاشري جي گڏيل جدوجهد سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، پر پهريون ۽ اهم فرض سرڪار جو آهي.

اڱارو 23 آڪٽوبر 2018ع، 13 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے