17 ہفتہ , نومبر 2018

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو نئون عهدو متعارف، اشتهار ڏنو ويو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ وڏي پيماني تي انتظامي تبديلي لاءِ پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد جي موجودگي ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر( ايم ڊي) جو نئون عهدو متعارف ڪرايو ويو . پاڪستان ڪرڪيٽ جي گورننگ بورڊ چيئرمين کي ايم ڊي جي نئين عهدي جي مقرري جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پي سي بي مئنجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي لاءِ اشتهيار ڏئي ڇڏيو.

 

واضح رهي ته احسان ماني هڪ سرڪولر ذريعي 12 آڪٽوبر تي گورننگ بورڊ کان ايم ڊي جي مقرري جي اجازت گهري هئي. هن ان نئين مقرري لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پڻ اعتماد ۾ ورتو آهي. پي سي بي ذريعن موجب ايم ڊي جي مقرري کانپوءِ چيئرمين جي انتظامي اختيار گهٽ ڪيا ويندا جڏهن ته چيف آپريٽنگ آفيسر لاڳيتو ڪم ڪندو رهندو . ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آئين ۾ ايم ڊي جو عهدو ناهي، احسان ماني ٻين ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن کان متاثر ٿي ڪري اهو اهم ترين ۽ هاءِ پروفائيل عهدو متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي انتظامي ڍانچي  ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ايم ڊي کي پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ وفاقي حڪومت سان رابطن کي بهتر بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو. شروعاتي طور تي ايم ڊيم کي 3 سالن جي پرڪشش معاهدي تي آڇ ڪئي ويندي. عهدي لا3 قابليت ماسٽرس ۽ وڌ کان وڌ عمر 55 سال رکي وئي آهي ۽ خواشمند 12 نومبر تائين درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا. اشتهار موجب پاڪستان سپر ليگ جون مئچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ ۽ اسٽرڪچر ۾ بهتري آڻڻ ايم ڊي جي انتظامي ذميوارين ۾ شامل آهن.  ايم ڊي جي عهدي لاءِ زاهد نوراني، سليم الطاف ۽ عارف عباسي مضبوط اميدوار آهن. ايم ڊي وٽ بورڊ جا گهڻي قدر انتظامي اختيار هوندا، چيئرمين جو ڪم پاليسي جوڙڻ هوندو جڏهن ته ان تي عملدرآمد ايم ڊي ڪرائيندو. ٻئي پاسي بورڊ ۾ وڏي پيماني تي ڊائون سائزنگ ٿيندي ۽ پر پلس ۽ نااهل ملازمن کي فارغ ڪيو ويندو . ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميڊيا جي سربراهه جو به اشتهار ڏئي چڪي آهي جڏهن ته ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ نائيلا ڀٽي، نجم سيٺي جي ويهجو هئڻ سبب پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن وارو بيان: صدرکانپوءِ  گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي بيان جو دفاع ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے