21 بدھ , نومبر 2018

چڙ ڏياريندڙ تقرير: 21 ڪيسن ۾ فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي جي 21 ڪيسن ۾ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.  ڪراچي جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي 26 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.  ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان، خواجه اظهار، ڪراچيءَ جو ميئر وسيم اختر، رئوف صديقي، قمر منصور ۽ ريحان هاشمي پيش ٿيا. 21 ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ وقت عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن تي 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جو الزام آهي ڇا هي ڏوهه قبول آهي. عدالت جي پڇاڻي تي فاروق ستار، وسيم اختر سميت ٻين ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي 4 ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے