22 جمعہ , فروری 2019

آمريڪا پنهنجن جوهري هٿيارن ۾ واڌارو ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ

The United States will enhance its jewelery hectares: Donald Trumpواشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ جو چوڻ جيستائين ماڻهو پنهنجي هوش حواس ۾ نه ايندا آمريڪا اُن وقت تائين هٿيار ٿيار ڪندو رهندو . تفصيل موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا روس ۽ چين تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پنهنجن جوهري هٿيارن ۾ اضافو ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو وري روس تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته روس 1987 ۾ ٿيندڙ آءِ اين ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن خبردار ڪندي چيو ته جيستائن ماڻهو پنهنجي هوش حواس ۾ نٿا اچن آمريڪا تيستائين هٿيار تيار ڪندو رهندو. ٻئي پاسي روس چيو آهي ته جيڪڏهن  آمريڪا وڌيڪ هٿيار تيار ڪيا ته هو به ماٺ ڪري نه ويهندا. آمريڪا طرفان روس سان جوهري معاهدو ختم ڪرڻ کانپوءِ آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جان بولٽن روس پهچي ويو آهي جتي هو روس جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. ياد رهي ته 21 آڪٽوبر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا روس سان ايٽمي هٿيارن جي تاريخي معاهدن کي ختم ڪري رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ اهو پڻ چيو هو ته روس 1987 ۾ انٽرميڊيٽ رينج نيوڪليئر فورسز( آءِ اين ايف) معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چين پهچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پنهنجي ايشيا ٽور جي ٽين ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے