17 ہفتہ , نومبر 2018

نيب سياست جي ور چڙهي رهي آهي، ڪيسن ۾ هڪ جهڙو رويو ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس دوران قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي جي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب جي ٻٽي معيار تي به سوال اٿاري ڇڏيا آهن. جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ  سنڌ جي اطلاعات واري وزارت جي سيڪشن آفيسر سارنگ لطيف جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جوابدار سارنگ لطيف جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران ججن نيب جي ڪارڪردگي تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سخت رمارڪس ڏنا. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته نيب کي هي ٽرائل هلائڻ جو ڪو به شوق ناهي، ڪيس جو پراسيڪيوٽر ڪير آهي؟ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر نيب ٻڌايو ته ڪراچي جو پراسيڪيوٽر آهي پر سندس نالي جي خبر ناهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته مقامي پراسيڪيوٽر ته لڳي ٿو ته هر پيشي تي پئسا وٺي هليو ويندو آهي، ڪرپشن ڪيسن ۾ ته نيب ڄاڻي سندن ايماڻ ڄاڻي، پنج ارب رپين جو ڪيس آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نيب جو ڪيسن ۾ هڪ جهڙو رويو ناهي، ڪجهه ڪيسن ۾ نيب پورو زور لڳائيندي آهي ۽ ڪجهه کي پڇي ئي نه ٿي، نيب سياست جي ور ڇو چڙهي وئي آهي؟ جسٽس گلزار احمد چيو ته سموري نيب جي ملي ڀڳت آهي نيب ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي ته نه ڪري، ڪرڻو ڪجهه ناهي پر نيب سڀني کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي.، نيب تي قوم جا اربين رپيه خرچ ٿي رهيا آهن، ڇا نيب پلي بارگين کانسواءِ ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، هڪ ڪيس ٻڌايو جتان نيب اوڳاڙي ڪئي هجي.  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جنهن آفيسر جي گهر مان اربين نڪتا نيب ان سان به پلي بارگيٽ جي چڪر ۾ هئي، رئيساڻي ڪيسن ۾ نيب جي وڏن تي ڪيس ٿيڻ گهرجي، گهر مان اربين نڪرڻ بعد نيب پلي بارگين لاءِ سندس پويان پئجي وئي، نيب ڪيسن لاءِ ڪي اصول ته ٺاهي، نيب ته هر ڪيس ۾ پنهنجي مرضيءَ جو رويو اختيار ڪندي آهي.  جسٽس گلزار احمد چيو ته سپريم ڪورٽ رئيساڻي ڪيس ۾ ضمانت رد ڪئي ته نيب ماتحت عدالت مان جوابدار آزاد ڪرايا، سپريم ڪورٽ ضمانت رد ڪري ٿي ته جوابدار ٻن مهينن ۾ ٻاهر اچي ويندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے