21 پیر , جنوری 2019

رپورٽ: هالا: مونيڪا لوهاڻو ۽ جوابدار عدالت ۾ پيش، ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڄاڻيو هن خبر ۾

*هالا مان مبينا طور اغوا مونيڪا لوهاڻو ۽ جوابدار مشتاق مهر کي هالا پوليس ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي ، مونيڪا جا وارث به هالا اسپتال پهچي ويا،نينگري جي امڙ جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا.

ليڊي ڊاڪٽر ناهيد ۽ غلام سڪينه مونيڪا لوهاڻو جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ۽ سندس جزا ورتا جڏهن ته جوابدار مشتاق مهر جو ڊاڪٽر سميع ڪاڪا ۽ ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ميڊيڪل ڪري جزا ورتا.

مونيڪا لوهاڻو ڪجهه دير بعد ايڊيشنل سيشن جج شميم سهتو اڳيان پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي.

 هندو پئنچائت ، مونيڪا جا وارث توڙي سندن شهري وڏي انگ ۾ هالا جي عدالت ۾ موجود آهن …………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ميرپور ماٿيلو: عورتن کي اغوا ڪندڙ پوليس کان آهن ڏاڍا؟ انصاف ڪير ڏيندو؟

ميرپور ماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته  بااثر  جي چوڻ تي هٿياربند …