17 ہفتہ , نومبر 2018

عروا حسين سان گڏ ڪم ڪرڻ زندگيءَ جو خوفناڪ تجربو هو: خليل الرحمان قمر

Working with Urwa Hocane life's most dreadful experience: Khalil-ur-Rehmanڪراچي ( شوبز نيوز ) ناليواري ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر خليل الرحمان قمر جو چوڻ آهي ته اداڪارا عروا حسين سان گڏ فلم” پنجاب نهين جائونگي“ ۾ ڪم ڪرڻ جو انتهائي خوفناڪ تجربو رهيو. خليل الرحمان قمر 20 سالن کان شوبز انڊسٽري جو حصو آهي ۽ اڄ ڪلهه پنهنجي نئين فلم ” ڪاف ڪنگنا“ جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي جيڪا آخري مرحلن ۾ آهي. فلم جي مرڪزي ڪردار ۾ سميع خان ۽ عائشه عمر نظر ايندا جڏهن عيشال فياض ساٿي اداڪارا جي ڪردار ۾ جلوا ڏيکاريندي. خليل الرحمان قمر کان ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويو دوران پڇو ويو ته هن پنهنجي نئين فلم ” ڪاف ڪنگنا“ مان سوهائي علي ابڙو ۽ عروا حسين کي ڇو تبديل ڪيو؟  جنهن تي خليل الرحمان قمر ٻڌايو ته مان خراب عادتون برادشت ڪري سگهان ٿو پر ڪم ۾ بدديانتي نه، مان اهڙن اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو پوري لڳاءُ ۽ محنت سان ڪم ڪن. هن ٻڌايو ته فلم ” پنجاب نهين جائونگي“ لاءِ به منهنجي چونڊ عروا نه هئي پر دردانه جي ڪردار لاءِ عروا حسين تمام گهڻيون منٿون ڪيون، جنهن تي مونکي مٿس رحم اچي ويو، پر تڏهن به مان کيس فلم ۾ سندس اصرار سبب نه پر سندس مڙس فرحان سعيد سبب شامل ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هو منهنجن سٺن دوستن منجهان هڪ آهي. خليل الرحمان جو چوڻ هو ته جڏهن کيس عروا حسين جي فلم ۾ شموليت جو فيصلو ڪرڻو هو تڏهن منهنجي حياتي جا خراب ڏينهن هئا. انهن ستن ڏينهن دوران مونکي ننڍ جون گوريون پڻ کائڻيون پيون ڇاڪاڻ ته مان فرحان سان محبت ڪندو آهيان ۽ هي هڪ مشڪل فيصلو هو.  سندس چوڻ هو ته مان ڪيئي ڀيرا سوچو ته مان عروا کي فلم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيان پر منهنجي اڳيان هر هر فرحان جو چهرو اچي ويندو هو، جنهن سبب مان ڪجهه نه ڪري سگهيس. هدايتڪار ٻڌايو ته چوڻ نه گهرجي پر عروا حسين سان گڏ ڪم ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ تجربو هو ۽ ان ڏينهن مان فيصلو ڪري ورتو هو ته هاڻ ڪنهن به ناليواري اداڪار سان گڏ ڪم نه ڪندس. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان پنهنجي شوبز جي 20 ورهين جي ڪيريئر ۾ عيشال فياض جهڙي پُرجوش ۽ محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪندڙ اداڪارا ناهي ڏٺي. ياد رهي ته خليل الرحمان قمر فلمن سان گڏ ٽيليويزن جي سپر هٽ ڊرامن جو پڻ ليکڪ آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranveer Singh-Deepika Padukone wedding: Here's a tarot card reading of how successful their marriage will be

دپيڪا پڊڪون جي شاديءَ بابت 6 ورهيه اڳ ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارا دپيڪا جي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے