17 ہفتہ , نومبر 2018

جعلي اڪائونٽس: مني لانڊرنگ ڪيس جو ماسٽر مائينڊ اسلم مسعود جدي مان گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي ماسٽر مائينڊ ۽ اومني گروپ جي چيف فنانس آفيسر اسلم مسعود کي انٽرپول جدي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪجهه ڏينهن پهريون اسلم مسعود جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته انٽر پول جعلي بئنڪ اڪائونٽس، مني لانڊرنگ ڪيس جي ماسٽر مائينڊ ۽ اومني گروپ جي چيف فنانس آفيسر اسلم مسعود کي لنڊن مان جدي پهچڻ تي هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب انٽر پول پاران اسلم مسعود جي گرفتاري تي باضابطا طور آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي جوابدار جي حوالگي ۽ پاڪستان واپسي لاءِ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٽيم جوڙي ويندي جيڪا سموريون گهرجون پوريون ڪري جوابدار کي پاڪستان منتقل ڪندي جتان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.  ذريعن موجب اسلم مسعود مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ جي شروعات ۾ 9 جنوري تي پاڪستان مان ڀڄي ويو هو ۽ هن مختلف قومي سڃاڻپ ڪارڊن تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس کولرايا هئا،  سندس اڪائونٽس کولڻ ۾ بئنڪ جا اعليٰ آفيسر به ملوث آهن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار اسلم مسعود جي گرفتاري وڏي ڪاميابي آهي، جوابدار کان جاچ دوران راز فاش ٿيندا ۽ 35 ارب کان شروع ٿي هڪ کرب تائين پهتل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سياسي شخصيتن جي چوڌاري به تيزي سان گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اهم گرفتارين جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن وارو بيان: صدرکانپوءِ  گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي بيان جو دفاع ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے