22 پیر , اپریل 2019

اڊيالا جيل ۾ قيدين لاءِ ايندڙ سرڪاري راشن ۾ هيرا ڦيري جو انڪشاف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ ايندڙ سرڪاري راشن ۾ مبينا طور هيرا ڦيري جو انڪشاف ٿيو آهي. اڊيالا جيل جي سينئر ڪلارڪ اقبال هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن اڊيالا جيل جي اختيارين تي قيدين لاءِ ايندڙ سرڪاري راشن ۾ هيرا ڦيري جو الزام هنيو ويو آهي. ڪلارڪ هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته مانين جي ٽڪڙن جي آڙ ۾ چانور، کنڊ، پتي، گيهه ۽ ٻيون شيون جيل مان ٻاهر موڪليون وينديون آهن، اهڙي ڪم ۾ جيل جو ٺيڪيدار راجا مظهر ۽ سينئر جيل اختياريون به ملوث آهن. جيل سپرنٽنڊنٽ منصور اڪبر ڪلارڪ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وڊيو تنهن وقت جي آهي جڏهن سينئر ڪلارڪ ۽ ٺيڪيدار وچ ۾ سٺا لاڳاپا هئا، گاڏي ۾ رڳو سڪيون مانيون منتقل ڪيون ويون، راشن ناهي، سينئر ڪلارڪ تي پهريون به سنگين الزام هئا، سندس خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ جي جيلز کي خط لکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئون ديرو ڀٽو هائوس تي ڇاپو، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي گرفتار

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) نيب جي گڏيل جاچ ٽيم ڀٽو هائوس ۾ ڇاپي دوران اڳوڻي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے