21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ: سکر: وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو ساراهه جوڳو قدم، ڏسو هن خبر ۾

* سکر جي سائيڊ ايريا ۾ وڏي وزير سيد مراد علي  شاھ گونگن ۽ ٻوڙن جي نئين اسڪول جي عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

 وڏي وزير چيو ته اسڪول جي اسپيشل  ٻارن جو نظم ۽ ضبط  ڏسي  تمام گهڻي  خوشي ٿي آھي ھي ٻار ڏورانهن  علائقن کان بس تي سفر ڪري پڙھڻ لاءِ اسڪول اچن ٿا.

 وڏي وزير چيو ته فيصل واوڊا جي  سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ واري ڳالهھ سمجهھ کان ٻاھر آھي فيصل واوڊا  وال مين ناھي جو ھو سنڌ جو پاڻي بند ڪندو وال مين جي نوڪري ڪرڻ چاھي ته مان ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.

  وڏي وزير چيو ته 50 لک گھر ٺاھڻ  حڪومت جي وس جي ڳالهھ ناھي آڪائونٽ بابت جي آءِ ٽي آبپاشي،  ورڪس اينڊ  سروس ،  زراعت کاتي بابت  جيڪا معلومات گھري فراھم ڪئي.

  جي آءِ ٽي  سنڌ حڪومت جي ڏھن سالن جي دور  جو رڪارڊ  به گھريو آھي  ريڪارڊ ڏيڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو پر اهو به فراھم ڪنداسين.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي سنڌ جو وڏو شھر  آھي  ڪراچي سندن جان ۽ دل آھي ان جي مالڪي ڪريون ٿا ڪراچي تي رقم خرچ ڪري ڪو مٿس  احسان نٿا ڪيون.

  ان موقعي تي وڏو وزير اسپيشل ٻارن جي اسڪول ۾ ٻوٽا پڻ پوکيا بعد ۾ کيس جيڪب آباد روانو ٿي ويو جتي ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان سندن تعزيت ڪندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے