21 بدھ , نومبر 2018

وزيراعظم عمران خان جي سعودي بادشاهه سلمان سان ملاقات

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ لاءِ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي بادشاهه ۽ وزيراعظم جي ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير اسد عمر، سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري، عبدالرزاق دائود، هارون شريف ۽ سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير خان هشام بن صديق به شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے