18 اتوار , نومبر 2018

آمريڪي ناڻي واري وزير جي سعودي ولي عهد سان رياض ۾ ملاقات

Saudi says finance minister meets US Treasury Secretaryرياض(ويب ڊيسڪ) صحافي جمال خاشقجي جي سعودي سفارتخاني ۾ پُراسرار موت تي عالمي طاقتون سعودي عرب تي شفاف جاچ لاءِ دٻاءُ وڌائي رهيوآهن پر ان دوران سخت تنقيد باوجود آمريڪي ناڻي واري وزير اسٽيون منوچن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ناڻي واري وزير اسٽيون منوچن رياض ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي. آمريڪا ان ملاقات لاءِ پنهنجن حمايتي برطانيا سميت ٻين عالمي طاقتن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مالي ۽ معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سعودي سيڙپڪاري بابت معاملا پڻ غور هيٺ آيا . سعودي عرب جي ولي عهد آمريڪي ناڻي واري وزير کي وزن 2030 جي تحت واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ڪيل انقلابي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ مراعاتن تي پڻ روشني وڌي وئي. سعودي ولي عهد آمريڪي ناڻي واري وزير کي سعودي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي به دعوت ڏني هئي پر آمريڪا سيڙپڪاري سمٽ ۾ آمريڪي وفد جي شرڪت جو اعلان ناهي ڪيو. آمريڪي ناڻي واري وزير اسٽيون منوچن جي رياض آمد تي آمريڪي صدر طرفان سعودي عرب کي تحفظ فراهم ڪرڻ عيوض معاوضو طلب ڪرڻ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي. ان معاملي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے