23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ| ٽنڊو ڄام: غيرقانوني ڪنيڪشن خلاف واپڊا عملدارن ڪهڙي ڪئي جٺ؟ڏسو هن خبر ۾

*ٽنڊي ڄام ۾  حيسڪو عملدار  غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ رهتن جو جواز ڄاڻائي زرعي يونيورسٽي ڪالوني  جي گهرن ۾ ڪاهي پيا.

انتظاميه ڄاڻايو آهي  ته زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾  غير قانوني ڪنيڪشن ۽ بجلي جي چوري هلي رهي آھي.

واپڊا ۽ يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايڪسيئن جاويد تنيوجي اڳواڻي ۾ واپڊا عملو ۽ يونيورسٽي سڪيورسٽي عملي ڪنيڪشن چيڪ ڪيا .

يونيورسٽي ملازمن حسين بخش ويسر، فقير محمد ڍول، انور گوپانگ، جميل احمد مري، اصغر خاصخيلي ۽ ٻين  چيو ته يونيورسٽي انتظاميه حيسڪو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري رهيا آھن

هنن  چيو ته حيسڪو انتظاميه ۽ يونيورسٽي انتظاميه زيادتي ڪندي جن گهرن جا ڪنيڪشن پهرين کان ڪٽيل آھن انهن گهرن ۾ غيرقانوني ڪنيڪشنن جو جواز ڄاڻائيندي گهرن اندر گهڙي تذليل ڪئي آھي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سنڌ ا يڪشن ڪميٽي  وري ڇو ٿيندي سراپا احتجاج؟ اجلاس ۾ ڪيا اهم فيصلا!!

ڄامشورو ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ طرفان سنڌو درياهه تي وڏن ڊيمن جي تعمير،  سنڌ ۾ …