13 منگل , نومبر 2018

رپورٽ| عادلپور: پلاٽ جي قبضي واري معاملي تي جاري ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪيو:ڄاڻي ٿيندا حيران

عادلپور ويجهو هاءِ اسڪول لاکو لنجاري جي  گرائونڊ تي مبينا قبضي واري معاملي تي جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، مبينا طور قبضو ڪندڙ لنجار  برادري جي  بااثرن ۽ اسڪول انتظاميا ۾ چڪرين سبب ٻه شاگرد مھتاب لنجار  اياز مھر   زخمي ٿي پيا .

بااثرن رات جي پيٽ ۾ گرائونڊ تي مبينا قبضو ڪري  کٽون رکي  عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ويهاري ڇڏياجڏهن ته پوليس اطلاع باوجود نه پهتي.

شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن  عنايت الله مھر،  نثار چاچڙ، امتياز چني ۽ ٻين الزام هنيو تھ بااثر شريف لنجار فيض محمد لنجار ، تاج لنجار ، عبدالغني لنجار ۽ ٻين گرائونڊ تي قبضو ڪري ورتوآهي .

هنن ٻڌايو ته  بااثرن ڊيوٽي تي موجود چوڪيدار عبدالقادر کي يرغمال بڻائي گرائونڊ تي قبضو ڪري کٽو رکي عورتون ۽ ٻارڙن کي ويھاري ڇڏيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے