22 جمعہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ صحت کاتي جو نائب قاصد ڪوڙي ڪمپني جو مالڪ نڪري پيو، عدالت سان رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي رهواسي صحت کاتي جي نائب قاصد پنهنجي نالي ڪوڙي ڪمپني خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ نائب قاصد محم زاهد موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي نالي تي ميسرز مارڪ انٽرپرائزز نالي ڪوڙي ڪمپني کولي وئي، شماريات کاتو ۽ انڪم ٽيڪس وارا منهنجي گهر آيا ۽ آفيس اچڻ جو چيو، جتي وڃي خبر پئي ته منهنجي نالي تي هڪ ڪوڙي ڪمپني هلي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته مان پوليو ٽيم جو حصو آهيان ۽ ڪيترن ئي ادارن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جون ڪاپيون جمع ڪرايون، خبر ناهي ته ڪنهن منهنجي نالي ڪوڙي ڪمپني ٺاهي ۽ جڏهن ڪمپني جي ايڊريس تي ويس ته خبر پئي اتي ڪمپني جو ڪو وجود ئي ناهي. درخواست گذار موجب مون تي 16 ڪروڙ 88 لک 57 هزار 540 رپيا سيلز ٽيڪس چوري جو الزام آهي. واضح رهي ته ڪمپني جي انڪشاف کانپوءِ ايف بي آر اختيارين نائب قاصد خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ سيلز ٽيڪس چوري جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ان جو پگهار وارو اڪائونٽ به منجمد ڪيو ويو آهي. زاهد انور جو چوڻ هو ته انڪم ٽيڪس، ايف بي آر ۽ پوليس کي ٻڌايو ته ڪمپني سان منهنجو ڪو واسطو ناهي، ان باوجود ڪمپني اڪائونٽ بدران پگهار وارو اڪائونٽ منجمد ڪيو ويو، جنهن سبب مان پگهار به نٿو ڪڍرائي سگهان، جڏهن ته ايف بي آر ڪنهن به قسم جي ملڪيت جي خريداري ۽ وڪري کان روڪي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته حڪومتي ادارا ٻڌائن نائب قاصد کي ان تڪليف مان ڪيئن ڪڍون؟ گڏوگڏ جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته عدالت پرکيندي ته درخواست تي ڪهڙو فيصلو ٿي سگهي ٿو، پوءِ عدالت زاهد انور کان ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ڏنل بيانن جي ڪاپي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

”ڪشميرين کي غلام بڻائي نٿو رکي سگهجي“

برسلز(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزير اعظم فاروق حيدر جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے