21 بدھ , نومبر 2018

راول ڍنڍ جي ڀرسان پيءُ جي ملڪيت سمجهي ورهائي وئي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ليڪ ويو پارڪ ۾ ڪمپنين کي ليز تي زمين ڏيڻ واري ڪيس دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايترن پيسن ۾ روڊن تي کوکا ناهن ملندا جيتري ۾ ليز تي ڏني وئي آهي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ليڪ ويو پارڪ ۾ ڪمپنين کي ليز تي زمين ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت عظميٰ ۾ ٻڌڻي جي آغاز تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ٽوٽل 12 ماڻهن کي ليز تي زمين ڏني وئي، هڪ ليز ڪندڙ کي هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ليز ڪندڙ 10 جي جاءِ تي 18 جهولا لڳايا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جهولا ته ٻارن جي لاءِ پرڪشش هوندا آهن. هن چيو ته اها ليز ايگريمنٽ جي ڀڃڪڙي آهي، حادثي جو خطرو ناهي ته ڪهڙو مسئلو آهي، ناڪاري ذهنيت سان ڪم نه ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته 4 ماڻهن کي ليز ڪينسل ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي، اي ايس پي کي ليز ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، وڪيل اي ايس پي چيو ته ليز معاهدي جي موجب گهٽتائي پوري ڪرڻ چاهيون ٿا. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته هڪ مهيني ۾ سموريون شيون درست ڪيو، آئون پاڻ وڃي جهولڻ ويهندس ۽ بندوبست ڏسندس. هن چيو ته چيئرمين سي ڊي اي پاڻ وڃي معائنو ڪندو، اڳوڻي چيئرمين سي ڊي اي ليز ڪئي، ايترن پيسن ۾ روڊ ڪناري کوکو به ناهي ملندو جيتري ۾ ليز ڏني وئي. چيف جسٽس هارس رائڊنگ ليز جي ٻڌل کي ليز  ايگريمنٽ جي موجب عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هڪ مهيني ۾ ڪم ڪيو. هن چيو ته چيئرمين سي ڊي اي چڪ شهزاد ۾ حڪم تي عمل ڪراِئي رهيا آهيو، توهان کان ڪم ناهي ٿي رهيو ته اسان توهان جي مدد ڪئي هئي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته چڪ شهزاد فارم هائوسز حددخلين تي ڪم جاري رکنداسين، جنهن کي ڪيرائڻو آهي ڪيرائينداسين نه ته ڏنڊ هڻنداسين. هن چيو ته راول ڍنڍ جي ڀرسان ليز پيءُ جي ملڪيت سمجهي ورهائي وئي، هڪ جج کي سمورين شين کي خبر هئڻ گهرجي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته فن اينڊ ٽوائي 38 ليز اڳتي ڏني آهي، هن معاهدي موجب ٽرين هلائي هئي.  وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ پرزو خراب آهي آمريڪا مان آرڊر ڏنو آهي جيئن ئي ايندو ٽرين هلائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے