18 جمعہ , جنوری 2019

پنجاب ۾ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب صوبي ۾ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ جي پابندي کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس علي اڪبر قريشي شهري ڪمال حيدر طرفان موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ جي پابندي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سڄي صوبي ۾ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ پائڻ کي لازمي قرار ڏيندي آءِ جي پنجاب کي فوري طور فيصلي تي عمل جو حڪم ڏنو. عدالت فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي، سرگوڌي ۽ بهاولپور جي سي ٽي اوز کان عملدرآمد رپورٽ به طلب ڪري ورتي. عدالت هيلمٽ استعمال نه ڪندڙن تي ڏنڊ جو حڪم جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪم جونگ ۽ ٽرمپ جي ملاقات لاءِ اتر ڪوريا جي نمائندو واشنگٽن پهچي ويو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جو اعليٰ ترين سرڪاري آفيسر ڪم يونگ چول …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے