15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز | ميرپورخاص: ڊاڪٽرياڻين ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري جي ميڊيڪل ڪرڻ کان ڇو ڪيو انڪار؟ بااثر ڌر بابت انڪشاف ٻڌي حيران ٿي ويندو

ميرپورخاص ڀرسان سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقير الياس ۾ 15 ورهين جي نينگري کي جوابدار نرسو ڀيل ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ گرفتار جوابدار تي اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

واقعي بعد پوليس ليٽر کڻي نينگري جا وارث سول اسپتال پهتا، پر ڊاڪٽرياڻين جوابدار ڌر بااثر هجڻ سبب نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عوامي آواز جي ٽيم پهچي اسسٽنٽ سول سرجن کي گهرايو.

اسسٽنٽ سول سرجن ڊاڪٽرياڻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميڊيڪل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

متاثر نينگري جي  جي امڙ لڙڪ نه روڪي سگهي، هن  ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري.

ٻي پاسي سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدار نرسو ڀيل کي گرفتار ته ڪيو آهي پر اڃان تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو.

رابطو ڪرڻ تي ايس اڇ او سنڌڙي ٻدايو ته جوابدار گرفتار ڪيو آهي،  جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پ ٽ الف جو پيادل مارچ پهچڻ تي شاندار آجيان

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار کان پ ٽ الف جو نڪتل پيادل مارچ گمبٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے