20 منگل , نومبر 2018

پوليس اهلڪارن ٽريفڪ قانون ٽوڙيو ته ڪارروائي کي منهن ڏيندا: ڪراچي پوليس چيف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس چيف امير احمد شيخ خبردار ڪيو آهي ته پوليس اهلڪار کي هيلمٽ پائڻو پوندو ۽ لائسنس به گڏ رکڻو پوندو، پوليس آفيسر ٽريفڪ قانون ٽوڙيو ته ڪارروائي کي منهن ڏيندو. تفصيل موجب ڪراچي پوليس چيف امير احمد شيخ پوليس وارن جي لاءِ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏي ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ٽريفڪ قانون جي تحت ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ به هوندو ۽ سزا به ڏني ويندي، اهلڪار ٽريفڪ قانون جي پاسداري ڪن، موٽر سائيڪل هلائيندي هيلمٽ جو استعمال ڪن. امير شيخ حڪم نامي ۾ چيو ته پوليس آفيسرن ۽ ملازمن کي ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي پڪڙيو ويو، آفيسر نه سنگل تي بيهندا آهن نه ئي رانگ وي رولن جي پاسداري ڪندا آهن، ڪنهن به جاءِ تي روڊ جي وچ ۾ گاڏي بيهاري ڇڏيندا آهن ۽ ڊيوٽي تي آهي يا آف ڊيوٽي هيلمٽ جو استعمال ناهن ڪندا. حڪم نامي موجب هنگامي صورتحال کان سواءِ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي، پوليس وارن کي هيلمٽ پائڻ ۽ لائسنس گڏ رکڻ لازمي هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے