18 جمعہ , جنوری 2019

لا ڪميشن سيڪريٽري پنهنجي کيسي مان روز 5 هزار ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائي: چيف جسٽس جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس زمين هيٺ پاڻي تي ورڪ شاپ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي قانون واري سيڪريٽري ڪميشن کي 50 هزار ڏنڊ هڻي ڇڏيو، چيف جسٽس حڪم ڏنو ته 10 ڏينهن تائين 5 هزار روزاني کيسي مان ڊيم فنڊ ۾ وجهڻا پوندا. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي استعمال بابت  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ورڪ شاپ ۾ دير تي چيف جسٽس لا اينڊ جسٽس واري سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميان عبدالرحيم کي پنج هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته توهان جي ڪري اِهو معاملو 10 ڏينهن دير جو شڪار ٿيو، هاڻ 10 ڏينهن تائين 5 هزار روزاني کيسي مان ڊيم فنڊ ۾ وجهڻا پوندا. لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪميشن انٽرنيشنل سمپوزيم ڪرايو هو، زمين هيٺ پاڻي جي استعمال بابت سيشن به ڪيو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو جيڪو سمپوزيم آهي ان جو حڪم نامي سان ڪو به تعلق ناهي. لا ڪميشن جي سيڪريٽري جو عذر پيش ڪندي چوڻ هو ته سمپوزيم ۾ مصروف هيس، الڳ سان ورڪ شاپ نه ڪرائي سگهيس، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مون کي ٻڌائي ڇڏيو ها آئون چيئرمين طور سمپوزيم جا بندوبست ڪري وٺان هان، ضرورت پوڻ تي آئون ڪلرڪ به بڻجي ويندا آهن، سمپوزيم کان 3 ڏينهن پهرين تائين خبر نه هئي ڪير ڪير اچي رهيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته زراعت جي لاءِ، گهريلو ۽ ڪمرشل استعمال جي لاءِ ڪهڙا اگهه هئڻ گهرجن، زمين هيٺ پاڻي جي استعمال بابت قيتم جو معاملو اهم آهي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان شهرين جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوتاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے