22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ|دولتپور صفن: مقتول شاگرد جا وارث وري روڊن تي ڇو نڪتا؟ اهم انڪشاف هن خبر ۾

دولتپورصفن جي ڳوٺ مٺاخان جوکيو واسي مقتول شاگرد سجاد جوکيو  جي قتل ڪيس ۾ وارثن تي جرڳي لاءِ دٻاءَ خلاف وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

مقتول شاگرد جي وارثن معشوق، زين ۽ آڪاش سميت ٻين چيو ته قتل ڪيس ۾ گهربل رپورش جوابدار اي ايس آءِ علي بخش مگي، علي مراد ۽ ٻيا جوابدار مختلف برادرين ذريعي جرڳي لاءِ دٻاءُ وجهرائي رهيا آهن.

هنن الزام هنيو ته نوابشاھ اي.سيڪشن ٿاڻي جي پوليس انتظاميا ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، لڳاتار احتجاج ڪرڻ باوجود پوليس انتظاميا جوابدارن سان مليل آهي.

مقتول شاگردن جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پٿورو: آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن جو احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے