18 اتوار , نومبر 2018

شاهه لطيف جو عرس مبارڪ سڀاڻي کان شروع، انتظام مڪمل نه ٿيا!| پروگرام: سنڌ نگر

شاهه لطيف جو عرس مبارڪ سڀاڻي کان شروع، انتظام مڪمل نه ٿيا!| پروگرام: سنڌ نگر،ميزبان: عنايت پيرزادو|  ٽيلي فون لائن تي: نوشاد ٻگهيو، الياس ٿري، عابد فقير

*لاکيڻي لطيف جي ميلي تي پانڌيئڙا وڏي انگ ۾ڀٽ شاهه پهچڻ شروع

*پانڌيئڙن لاءِ پيئڻ جي پاڻي، صفائي ۽ روشني جا مڪمل انتظام نه ٿي سگهيا

*ماڻهو جو وڏو انگ ميلي تي پهتل، واش روم جي کوٽ وارو مسئلو بدستور برقرار

*انتظاميا صرف وي آءِ پي موومينٽ وارن مخصوص هنڌن تي صفائي ڪرائي

*15 سئو پوليس ۽ 4 سئو رينجرز جا جوان سڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا

*وي آءِ پي موومينٽ سبب رستا بند ٿيڻ ڪري رهواسين توڙي پانڌيئڙن کي تڪليف

*شهر جي مختلف روڊ رستن تي گندگي جا ڍير، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ

*مڪمل انتظام نه ٿيڻ ڪري پانڌيئڙن کي تڪليفون پيش اچڻ جو خدشو

*پيئڻ جي پاڻي، واش روم، صفائي ۽ روشني جا انتظام ڪرڻ جو مطالبو

*عمرڪوٽ جون 25 ديهون ڏڪار سٽيل قرار، ماڻهن جي وڏي انگ ۾لڏپلاڻ

*پاڻي، خوراڪ ۽ مال جي چاري جي به سخت کوٽ، زندگي مفلوج بڻيل

*ضلعي جي 20 ڊسپينسرين ۾ايم بي بي ايس ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهيا

*اسپتالن ۾دوائن ۽ اسٽاف جي کوٽ، مريض علاج لاءِ دربدر

*مختلف اسپتالن ۾ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل

*خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

*اسپتالن جي حالت بهتر بڻائڻ بدران ويتر صحت کاتي جا 12 ملازم بدلي

*رهواسين جو روزگار توڙي شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے