20 ہفتہ , اپریل 2019

رپورٽ|وال مين جون ڪيتريون آهن نوڪريون خالي؟ فيصل واوڊا کي نوڪري جي آڇ؟ مراد علي شاهه جا نوڪرين بابت وڏا انڪشاف، ڏسو هن تفصيل ۾

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته فيصل واوڊ پاڻي بند ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو، هتي وال مين جون جايون خالي آهن، کيس نوڪري گهرجي ته حاضر آهيون.

ٺل ڀرسان ڳوٺ محمد مراد لاشاري م ريل حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته آصف علي زرداري عوامي ماڻهو آهي جنهن سدائين ملڪ کي بچايو، 2008 ۾ پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ڪري ملڪ کي مضبوط ڪيو.

هن چيو ته پ پ وفاق ۾ مضبوط مخالف ڌر جو ڪردار نڀائيندي، وفاق وارا ته سنڌ کي ڪجهه به نه ٿا سمجهن.

سندس چوڻ هو ته فيصلا واوڊا کي صلاح آهي ته اسان وٽ وال مين جون جايون خالي آهن، خواهشمند آهي ته کيس وال مين جو نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

مراد علي شاهه چيو ته فواد چوڌري کي حڪومت هلائڻ جو ڪوبه افعال ناهي، پي ٽي آءِ جي سياست گارين تي ٻڌل آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪنڌڪوٽ ڀرسان ريلي حادثي جو ذميوار وفاقي حڪومت آهي، جيڪڏهن شيخ رشيد سنڌ سرڪار کي ذميوار قرار ڏئي ٿو ته ريل کاتو سنڌ حوالي ڪري،  اسان ريل جي نظام کي بهتر طريقي سان هلائي سگهون ٿا.

هن چيو ته ريل حادثي تي انتهائي ڏک پهتو آهي، فوتين جي مالي مدد ڪئي ويندي.

انهي موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي گاڏي اڳيان درگاهه سيد يارمحمد شاهه تي قبضي خلاف فقيرن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ٻي پاسي تنگواڻي-ٺل روڊ جي مرمت نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪري وڏي وزير جي گاڏي کي روڪي ورتو، جنهن بعد وڏو وزير پنهنجي گاڏي مان لهي ڪري احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے