13 منگل , نومبر 2018

سعودي عرب جو پاڪستان کي 9 ارب ڊالر تيل اوڌر تي ڏيڻ جو فيصلو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان کي لڳ ڀڳ 9 ارب ڊالرن جو تيل اوڌر تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل اوڌر تي وٺڻ جي معاهدي تي عمل 3 سالن لاءِ هوندو. سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل ساليانو ڏنو ويندو، هڪ سال کانپوءِ معاهدي جو جائزو ورتو ويندو ۽ سعودي عرب مجموعي طور پاڪستان کي ٽن ورهين ۾ 9 ارب ڊالر ماليت جو تيل اوڌر تي ڏيندو. پڌرائيءَ موجب سعودي عرب پاڪستان ۾ آئل ريفائري منصوبو لڳائڻ تي به راضي ٿي ويو آهي ۽ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ٿينديون. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي اڪائونٽن ۾ 3 ارب ڊالر رکڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ به سعودي عرب دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت معدني وسيلن جي ڳولا لاءِ معاملا طئي ڪنديون. ذريعن موجب رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ رکڻ سان پاڪستان ۾ ڏي وٺ جي ذخيرن تي دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي، معاهدي کانپوءِ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ملهه ۾ به استحڪام ايندو. پاڪ – سعودي معاهدي جي حوالي سان سعودي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے