17 ہفتہ , نومبر 2018

منهنجو ملڪ اهم آهي، مون تي گارين جو ڪو به فرق نه پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس جنگ گروپ جي سيلز ٽيڪس جي عدم ادائيگي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته جڏهن اشتهار هتي هلندا آهن ته ٽيڪس ڏيڻو پوندو، منهنجو ملڪ اهم آهي، مون تي ڪنهن جي گارين جو ڪو به فرق نه پوندو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جنگ گروپ جي سيلز ٽيڪس جي عدم ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪي اشتهار هتي تيار ٿيندا آهن انهن تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو آهي، جنگ گروپ چوندو آهي ته هو اشتهار دبئي ۾ تيار ڪندا آهن، جنگ گروپ چوي ٿو ته انهن تي سيلز ٽيڪس ناهي لڳندو. جنگ گروپ جي وڪيل ٻڌايو ته معاملو 2002ع کان 2008 تائين جو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جڏهن اشتهار هتي هلندا آهن ته ٽيڪس ڏيڻو پوندو، توهان پهرين ايمنسٽي اسڪيم جو سهارو نٿا وٺي سگهو. وڪيل جو دليلن ۾ چوڻ هو ته ڊيفالٽ جي ڪري ڏنڊ اد ڪرڻ جو معاملو هو، اسان ايمنسٽي جي تحت ڏنڊ ختم ڪرائڻ جو چئي رهيا آهيون، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪڏهن ايمنسٽي نه هجي ته توهان تي ڏنڊ ٺهي ٿو، ته وڪيل جو جواب ۾ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻو هو چيف جسٽس پچاڻو ڪيو ته ٽيڪس ادائيگي بعد ايمنسٽي لاڳو ٿئي ٿي يا نه؟ جسٽس اعجاز چيو ته ڏنڊ صوبائي حڪومت لاڳو ڪيو وفاق ڪيئن ٿي ختم ڪري سگهي، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته اسان صوبائي ايمنسٽي جي لاءِ به اپلاءِ ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے