13 منگل , نومبر 2018

نيب چيئرمين کي آڻڻ اسان جي سڀ کان وڏي غلطي هئي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ ايل اين جي دنيا ۾ سڀ کان سستي آهي، ن ليگ حڪومت هڪ ڊالر کان به گهٽ ايم ايم بي يو جو معاهدو ڪيو، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ايل اين جي نه آندي وڃي ها ته توانائي مسئلا حل نه ٿين ها، مان پنهنجي فيصلي تي هر فورم تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيلامي ذريعي دنيا ۾ سڀ کان گهٽ لاڳت تي ٻه ٽرمينل لڳايا ويا، ايل اين جي معاملي تي ٻڌايو ته 30 کان وڌيڪ ملڪ ايل اين جي استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ئي ٽرمينل بجلي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڊالر کان وڌيڪ چارج ڪندا آهن. هن چيو ته خبر ناهي هن وقت ايل اين جي معاملي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير انگ اکر ڪٿان کڻي آيو آهي، الزامن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي، جيڪڏهن مخالف الزام هڻن ته ثابت به ڪن، جيڪڏهن مان الزام ثابت نه ڪري سگهان ته جيل ۾ وڌو وڃي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ ايل اين جي بابت سمورا تفصيل جمع ڪرايا ويا، جيترو عرصو وزيراعظم رهيس ان دوران ڪيل پنهنجي هر فيصلي کي قبول ڪيان ٿو. شاهد خاقان عباسي واضح ڪيو ته جنهن کي الزام لڳائڻا آهن منهنجي ذات تي لڳائن، ڪنهن به وزير جي الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، اسان پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهيون، ڪوڙي مينڊيٽ جي حڪومت کي به تسليم ڪيوسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان روئڻ وارن مان ناهيون، قومي ناڻي کي ڪٿي ڇڏيوسين، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ کان پڇا ڪئي وڃي. نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جسٽس (ر) جاويد اقبال کي آڻڻ اسان جي حڪومت جي سڀ کان وڏي غلطي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے