18 اتوار , نومبر 2018

شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ معاملي جي ٻڌڻي ڪندي. اي ڪي ڊوگر ايڊووڪيٽ لائرز فائونڊيشن طرفان درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ اجمل ميان ۽ جسٽس محمود الرحمان جي فيصلن جا حوالا ڏنا ويا آهن. درخواست موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پهرين گرفتار ڪيو ويو جيڪا آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي. آرٽيڪل 10 جي تحت شفاف ۽ منصفاڻو ٽرائل هر جوابدار جو بنيادي حق آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين شهباز شريف کي ڪيس ۾ شفاف ۽ منصفاڻي جو حق ناهي ڏنو، انڪوائري دوران ڪنهن به جوابدار کي گرفتا  ڪرڻ جو اختيار آئين سان تڪرار آهي. عدالت کان اپيل ڪئي وئي آهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني وڃي ۽ ضمانت منظور ڪري آزادي جو حڪم ڏنو وڃي. قومي احتساب بيورو (نيب) پنج آڪٽوبر تي آشيانه اسڪينڊل ڪيس ۾ شهباز شريف کي گرفتار ڪيو هو. احتساب عدالت 16 آڪٽوبر تي شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے