20 منگل , نومبر 2018

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، ٺهراءَ ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٺهراءُ پي ٽي آءِ جي چوڌري ظهير الدين پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايوان نهال هاشمي جي فوج خلاف بيا جي مذمت ڪري ٿو، نهال هاشمي ن ليگ جي قيادت جي ترجماني جي ڪوشش ڪئي، هن جي بيان سبب سڄي قوم جي دل آزاري ٿي. ٺهراءَ موجب نهال هاشمي جي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، هڪ اسيمبلي ميمبر طرفان ٺهراءَ ۾ طبي معائني جي تجويز به ڏني وئي پر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر طبي معائني جي تجويز ٺهراءَ ۾ شامل ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے