15 جمعرات , نومبر 2018

پهرين ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا 22 رنسن تي 5 وڪيٽن کان محروم

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان طرفان مليل 156 رنسن جي ٽارگيٽ پويان آسٽريليا جي اڌ ٽيم رڳو 22 رنسن تي پويلين موٽي وئي. ڪينگروز طرفان ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊارسي شارٽ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ پهرين ئي اوور ۾ فنچ کاتو کولڻ بنا عماد وسيم جو شڪار بڻجي ويو، جنهن کانپوءِ عماد وسيم ساڳي اوور ۾ 4 رنسون ٺاهيندڙ ڊارسي شارٽ کي پويلين موٽائي ڇڏيو، جڏهن ته ميڪسويل به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ ٻه رنسون ٺاهي فهيم اشرف کي وڪيٽ ڏئي ويٺو. آسٽريلوي ٽيم ان صدمي مان نڪتي ئي مس ته مڪ ڊرموٽ کاتو کولڻ بنا رن آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته عماد وسيم 22 جي مجموعي اسڪور تي نائب ڪپتان ڪيري کي به پويلين ڀيڙو ڪري ڇڏيو ۽ آسٽريلوي ٽيم 5 اوورن ۾ 5 وڪيٽن کان محروم ٿي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے