17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ| حيدرآباد: طبقاتي جدوجهد جو ڪنهن ڏنو نظريو؟ ڪارل مارڪس جي نظريي بابت تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي ڪهڙا ڪيا انڪشاف ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندو

حيدرآباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاران تقريب ڪوٺائي دنيا جي عظيم فلسفي ڪارل مارڪس جو 2 سئو هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو.

تقريب ۾ نامياري دانشور ڊاڪٽر مبارڪ علي، ڊاڪٽر  جعفر احمد، ڊاڪٽر مصدق حسين ۽ امداد قاضي سميت ٻين شرڪت ڪري ڪارل مارڪس جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مبارڪ علي چيو ته ڪارل مارڪس سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مزدورن جي هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ان نعري ۾ اڇي يا ڪاري مزدور جي ڳالهه نه هئي.

ڊاڪٽر مبارڪ علي چيو ته طبقاتي زنجيرن کي ٽوڙڻو پوندو ۽ طبقاتي نظام خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي، طبقاتي شعور کي بيدار ڪري استحصالي نظام خلاف جدوجهد ڪئي وڃي.

هن چيو ته مارڪس جو فڪر اڄ به ڪنهن صورت ۾ دنيا ۾ اثر  رکي ٿو، دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ مارڪس پڙهايو وڃي ٿو، اها بدقسمتي آهي ته پاڪستان ۾ مارڪس نٿو پڙهايو وڃي.

انجمن ترقي پسند مصنفين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته دنيا کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه پوءِ جي آهي، پهريان ڳالهه مارڪس کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي آهي.

مارڪسي دانشور ڊاڪٽر مصدق حسين چيو ته ڪارل مارڪس اهو سياسي فڪر ڏنو، جنهن سياسي حالتن کي تبديل ڪري ڇڏيو.

ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته لينن چيو آهي ته مارڪس سوشلزم جو چهرو بگاڙيندڙن خلاف جدوجهد جو نالو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ميرپورخاص: راڻي ٽائون جي رهواسڻ ناري رڌ پچاءُ ڪندي چلهي مان باهه لڳڻ سبب سڙي پئي

ميرپورخاص ويجهو ڊگهڙي شهر جي راڻي ٽائون  جي رهواسڻ ناري رڌ پچاءُ ڪندي چلهي مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے