18 جمعہ , جنوری 2019

افغان اليڪشن ڪميشن تي آپگهاتي حملي ۾ پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا اجل جو شڪار

Suicide attack targets Afghanistan election workers in Kabulڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ويجهو آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري مارجي ويا جڏهن ته 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته صبح سوير پنڌ ايندڙ شخص الڪيشن ڪميشن آفيس جي مرڪزي دروازي تي پوليس اهلڪار جي ويجهو پهچي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو. پوليس اهلڪارن سان گڏ هڪ شهري پڻ ڌماڪي جي زد ۾ اچي حياتي وڃائي ويٺو. گورنر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي،  ڪنهن به دهشگرد تنظيم ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي، پوليس واقعي جي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9\11  حملن ۾ بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ 11/9 حملن دوران بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے