19 منگل , فروری 2019

بلاول ڀٽو جي چارسده ۾ صحافي جي قتل جي مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ( پ پ پ) بلاول ڀٽو زرداري چارسده ۾ صحافي احسان الله شير پائو ۽ ٻين ٽن ڄڻن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ صحافين ۾ عدم تحفظ جو احساس ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هڪ پاسي عدم تحفظ ۽ ٻئي پاسي صحافي ڀائر سنرشپ جي خلاف روڊن تي آهن. هن چيو ته اِها ڳالهه انتهائي افسوس جوڳي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ صحافي ڀائر بنا معاوضي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. بلاول ڀٽو زرداري خيبر پختونخواهه جي صوبائي حڪومت کان احسان الله شير پائو ۽ ٻين جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو آهي ته متاثر خاندان کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي ۽ احسان الله شير پائو ۽ ٻين قتل ڪيل صحافين جي وارثن جي لاءِ فوري طور تي معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه سعد ۽ سلمان رفيق کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے