21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ| حيدرآباد : عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي سڀاڻي سالگرهه، تقريب رٿيل

حيدرآباد(رپورٽ حسيب لطيفي )پنهنجي سموري زندگي پورهيت انقلاب لاءِ وقف ڪندڙ عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي 74 هين سالگرهه 31 آڪٽوبر تي شام 05:00 حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيوٽوريم جي هال ۾ ملهائي پئي وڃي. ڪامريڊ ڄام ساقي 1944 ۾ ڇاڇرو جي ڳوٺ جنجهي ۾ محمد سچل جنجهي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ ڄام ساقي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ ڇاڇري هاءِ اسڪول مان ڪئي. جنهن کانپوءِ حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي هن يارهون ۽ ٻارهون درجو پاس ڪيو. ڪامريڊ ڄام ساقي  سياست جي شروعات حيدرآباد اسٽوڊنٽ فيڊريشن کان ڪئي. کيس  پهريو ڀيرو جنرل ايوب جي مارشلا ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڪامريڊ ايوب. ضياءِ ۽ مشرف جي حڪومتي دورن ۾ هو جيل ۾ رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي 15 سال جيل جون سختيون سٺيون. ٽارچر سيلن ۾ قيد رهيو. هن سڄي ڄمار غريب ۽ مظلوم طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. 31 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ سندس سالگرهه واري تقريب ۾ ٿيندي جنهن ۾ ڪامريڊ جا سياسي ساٿي شرڪت ڪري رهيا آهن. تقريب جي پڄاڻي کان پوءِ محفل موسقي پڻ ٿيندي ڪامريڊ جي وڇوڙي کان پوءِ سندس هي پهرين سالگرهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے