19 ہفتہ , جنوری 2019

وزير اعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملاقات ڪئي آهي. تفصيل موجب ان اهم ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي به شريڪ هو. وزير اعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ان ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. گڏوگڏ پنجاب مان سينيٽ جي 2 سيٽن تي چونڊن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزير اعظم پنجاب اسيمبلي جي ڪارروائي احسن طريقي سان هلائڻ تي اسپيڪر جي تعريف ڪئي، اسپيڪر وزير اعظم عمران خان کي سعودي عرب جي ڪامياب دوري جون واڌايون ڏنيون. ان کان اڳ وزير اعظم لاهور پهتو ته پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سندس شاندار استقبال ڪيو. وزير اعظم عمران خان سان اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جو وڏو وزير به موجود هو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن 100 ڏينهن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي بابت بريفنگ به ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے