19 ہفتہ , جنوری 2019

پاڪ – نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافيءَ جو افتتاح ٿي ويو

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿي رهي آهي. ٻئي ٽيمون پهرين ميچ ۾ ابو ظهبي جي ميدان تي آمهون سامهون ٿينديون، جيڪا پاڪستاني وقت موجب رات نائين وڳي شروع ٿيندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪين وليمسن جي ڪپتاني ۾ ميدان تي لهندي، جنهن قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد سان گڏجي سيريز جي ٽرافيءَ جو افتتاح ڪيو. پاڪستاني ٽيم تازو آسٽريليا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ڪيوي ڪپتان به سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے