13 جمعرات , دسمبر 2018

ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي جي ايم پي اي ارباب لطف الله سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ملاقات دوران ٿر ۾ ڏڪار جي حالت تي پارٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ امدادي ڪارروائيون جاري رکي، مقامي چونڊيل نمائندا تجويزون ڏين، حڪومت مسئلو حل ڪندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ چاهي ٿي، ٿر قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪول جهڙا ذخيرا به هتي آهن، حڪومت انتقامي ڪارروائين تي نه عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي. ملاقات ۾ ارباب لطف الله هڪ سياسي اڳواڻ جي انتقامي ڪارروائي جي به شڪايت ڪئي، بلاول ڀٽو معاملي جو نوٽيس وٺي سنڌ جي وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے