13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ:ٽنڊوباگو: پوليس جو ڪارنامو، ڪپڙا وڪڻندڙ پورهيت  منشيات جي الزام ۾ گرفتار، وڌيڪ ڏسو هن خبر ۾

ٽنڊي باگي ويجهو پوليس ڪپڙا وڪڻندڙ پورهيت  کي منشيات جي الزام ۾ گرفتارڪري چالان ڪري ڇڏيو پورهيت پاران انصاف جي اپيل ڪئي وئي آهي.

پورهيت نورحسن لغاري نيشنل پريس ڪلب ٽنڊوباگو تي ميڊيا آڏو  دانهيندي چيو ته هو  نيلامي ڪپڙن جو واپارڪري ٻچن جو گذرسفرڪندو آهي.

هن چيو تھ  سومرڏينهن جھڏي مان ٽي هزار روپين جا ڪپڙا وٺي وڃي رهيو هئس ته حيات خاصخيلي پوليس چيڪ پوسٽ تي   روڪيو ۽ چيو ويو تھ وٽس نشي واريون سوپاريون آهن.

سندس چوڻ هو تھ پوليس  پاڻ ڪپڙن ۾ ساپارين جون پڙيون وجهي  کيس گرفتار ڪري پڱريو ٿاڻي تي مٿس آيف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو تھ پوليس تلاشي دوران کيسي مان روڪ رقم 2300سئو روپيه ۽ ٻياقيمتي ڪاغذ ڪڍي ورتا آهن ۽ ڪپڙا بھ گم ڪيا ويا آهن.

پورهيت چيو تھ هن جي  بي گناھ هجڻ جي شاهدي سندس  سڄوڳوٺ ڏيڻ لاءَ تيارآهي کيس بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ  حيات خاصخيلي پوليس اهلڪارن خلاف جا چ ڪري کيس انصاف ڏياريو وڃي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے