18 اتوار , نومبر 2018

ڇا هي آهي نئون پاڪستان؟…،

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هاڻي ٽي مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن ۽ انهن ٽن مهينن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن، حڪومت، اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جو اصل چهرو، ارادا ۽ رنگ روپ جهڙوڪر نروار ٿي ويو آهي، ۽ تحريڪ انصاف جي جيڪا تبديليءَ واري ايجنڊا ۽ نعرو هو هاڻي ان جي اصليت به پڌري ٿيندي پئي وڃي، اسان جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اچڻ کان ٽي مهينا اڳ واري منظر نامي کي ڏسنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هاڻي واري تحريڪ انصاف ۽ ٽي مهينا اڳ واري تحريڪ انصاف ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي، چونڊن کان اڳ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت تحريڪ انصاف جي اميدوارن جون ارهه زورايون، چونڊن دوران تحريڪ انصاف جي اميدوارن جون ڌانڌليون ۽ بعد ۾ وزير ٿي ايوان ۾ اچڻ بعد مخالف ڌر جي ميمبرن سان سياسي سينا گرديءَ جهڙيون ڳالهيون عام ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران جا اهڙا بيان به ميڊيا تي عام ٿيا جن ۾ هو مخالف ڌر جي ميمبرن کي چور ۽ ڌاڙيل چئي انهن کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ ۽ ٽنگڻ جهڙا لفظ پڻ استعمال ڪندو رهيو آهي.

تحريڪ انصاف جي ٻي قيادت جيڪڏهن اهڙي قسم جو ڪو رويو اختيار ڪري ها ته ان تي ڪنهن کي به ڪو گهڻو اچرج نه ٿئي ها، پر جيڪڏهن تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان پاڻ اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪري جيڪو مجموعي طور تي غير جمهوري، غير پارلياماني، غير سياسي ايتري قدر جو ان رويي کي غير اخلاقي به چئي سگهجي ٿو، اختيار ڪري ته صورتحال ڳنڀير سمجهڻ گهرجي. هاڻي تحريڪ انصاف جي اهڙي مجموعي رويي تي تنقيد جو دائرو وڌي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾ حڪومت جي نقادن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان به شامل ٿي ويو آهي.

اطلاع آهن ته وزير اعظم عمران خان جي زباني حڪم تي آءِ جي اسلام آباد کي بدلي ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان معطل ڪندي کيس بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، آءِ جي اسلام آباد کي وزير اعظم پاران زباني حڪم تي بدلي ڪرڻ واري عمل جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻمرادو نوٽس وٺندي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي فوري طور طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اڳيان سيڪريٽري وضاحت ڪئي ته ڪن سببن ڪري آءِ جي اسلام آباد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. چيف جسٽس چيو ته اسان کي معلوم آهي ته آءِ جي اسلام آباد کي ڪهڙي وزير جي سفارش تي بدلي ڪيو ويو آهي،اسان نه ته ادارن کي ڪمزور ٿيڻ ڏينداسين ۽ نه ئي پوليس ۾ سياسي مداخلت برداشت ڪنداسين، هر صورت ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي ويندي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان هڪ ٻيو بوزدار ڪيس ٿيڻ نه ڏينداسين. اٽارني جنرل ۽ سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ جي پيشيءَ ۽ وضاحتن تي سپريم ڪورٽ انتهائي ناپسنديدگيءَ ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيف جسٽس کين چيو ته ڇا هي آهي نئون پاڪستان، پاڪستان کي ائين هلائڻ نه ڏينداسين. پاڪستان ڪنهن جي مرضيءَ سان نه، ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه پر قانون تي هلندو. هن چيو ته گهرو سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري رياست جا ملازم آهن تنهنڪري کين غلط حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻو هو. عدالت آءِ جي اسلام آباد جي بدليءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي هن کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

آءِ جي اسلام آباد کي وزير اعظم جي زباني حڪم تي بدلي ڪرڻ وارو عمل مجموعي طور تي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جن مان هڪ اهم سوال اهو به آهي ته ڇا تحريڪ انصاف جي قيادت حڪومتي قدرن، احساسن، ذميوارين ۽ قانون کان ناشناس آهي؟، ڇا تحريڪ انصاف جي قيادت حڪمرانيءَ جي پارلياماني قدرن کان اڻ واقف آهي؟، ڇا تحريڪ انصاف جي قيادت حڪومتي اختيارن کي پنهنجا اختيار سمجهي ٿي؟، انهن سوالن سميت ٻيا به اهڙا ڪيئي سوال آهن جيڪي ساڃاهه وندن جي ذهن ۾ جنم وٺي رهيا آهن.

تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ان جي اسيمبلي ميمبرن جي مجموعي رويي تي ملڪي ميڊيا تي پڻ تنقيد ٿيندي رهي ٿي جنهن ۾ آءِ جي اسلام آباد جي معطليءَ بعد اضافو ٿيو آهي ۽ ميڊيا جي سيڪشنز ۾ حڪومت جي ڪيئي پهلوئن تي تنقيد جا جهڙوڪر ڪيئي باب کلي ويا آهن،  اسين سمجهو ٿا ته تحريڪ انصاف تي ميڊيا جي سيڪشنز ۾ ٿيندڙ اهڙي تنقيد بجا آهي جو هاڻي تحريڪ انصاف جي اڍنگاين تي ملڪ جي چيف جسٽس پڻ ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي انهن کي سخت تنقيد جي نشانو بڻائيندي ايتري قدر چئي ڇڏيو آهي ته ڇا هي نئون پاڪستان آهي.

اسين سمجهون ٿا ته ان کان پوءِ تحريڪ انصاف جي قيادت، وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي سياست جي حدن ۾ رهندي سياسي فڪر ۽ عمليت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ جي سياسي قدرن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن انتظامي طور تي ڪنهن اهلڪار ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي ته ان خلاف ادارتي ڪارروائيءَ جا پڻ ڪيئي ضابطا ۽ قاعدا موجود آهن جن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ۽ ڪارروائي انهن تحت ئي ٿيڻ گهرجي نه ڪي زباني ڪلامي، دنيا جي ڪابه حڪومت ۽ ڪوبه حڪمران ڪيترو به طاقتور هُجي پر اهو آئيني، سياسي، پارليماني ۽ انتظامي ظابطن، قاعدن ۽ قانونن کان وڌيڪ طاقتور نه آهي، تنهنڪري تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وزير اعظم عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي سمورن اڳواڻن کي اها ڳالهه نه فقط سمجهڻ گهرجي پر ان تي سختيءَ سان عمل پڻ ڪرڻ گهرجي.

اربع 31 آڪٽوبر 2018ع، 21 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے