17 اتوار , فروری 2019

رپورٽ:قاضي احمد:تعلقا اسپتال مسئلن جو ڳڙهه بڻيل، آيل فنڊ ڪنهن هڙپ ڪيا؟ڏسو هن خبر ۾

قاضي احمد قومي شاهراهه تي قائم تعلقا سول اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند ۽ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي ۾ رھندڙ سول اسپتال ۾ اوچتو ٿيندڙ حادثن کي منهن ڏيڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

ايم ايس ڊاڪٽر طاهره اسد آرائين ميڊيا  سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسپتال کي  تعلقا اسپتال جو درجو سردار ڄام تماچي انڙ جي ڪوششن سان مليو آهي پر ڊاڪٽر ۽  عملي سميت لوئر عملي  جي به کوٽ آهي.

هن چيو تھ  ٻهراڙي جو علائقو وڏي تعداد ۾ هجڻ ڪري روزانو سوين عورتون ۽  مرد علاج لاءِ اچن ٿاپر ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري انهن جي مڪمل چڪاس ۽  دوا نٿ ٿي سگهي.

هن ٻڌايو تھ  ٽراما سينٽر جو ڪم  مڪمل ٿي چڪو آهي پر اتي به عملو  مقرر نھ ٿي سگهيو آهي  جنهن سبب ٽراما سينٽر بند پيل آهي.

سندس چوڻ هو تھ  صحت کاتي جي اعلي عملدارن کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر اڃان تائين  ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: حيدرآباد: صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو گهيراءُ، احتجاج

حيدرآباد ۾ صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے