18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ جا قدرتي وسيلا ۽ سنڌي عوام سان انصاف جو سوال…

سنڌ صوبو سڄي ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ صوبو آهي، پاڪستان انرجي بُڪ 2013ع مطابق پاڪستان جي گيس جي ڪل پيداوار جو 68 سيڪڙو ۽ تيل جي ڪل پيداوار جو 40.6 سيڪڙو سنڌ صوبي مان حاصل ٿئي ٿو، رڳو ٻه سال اڳ ۾ تيل جي ڪل پيداوار جو 56 سيڪڙو سنڌ مان حاصل ٿيندو هو پر خيبرپختونخواهه مان تيل ملڻ جي ڪري اهو حصو ٻن سالن ۾ گهٽجي 40.6 سيڪڙو ٿي ويو آهي. ان مان خبر پوي ٿي ته توانائيءَ جي قومي پيداوار ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصو آهي. پاڪستان انرجي بوڪ مطابق ساڳئي عرصي دوران سنڌ مان 794، 033، 1 ملين ڪيوبڪ فُٽ گيس حاصل ٿي جيڪا ڪل قومي پيداوار جو 68.65 سيڪڙو بڻجي ٿي. پاڪستان ۾ تيل فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ سڀ کان پهرين نمبر تي ۽ ڪي پي ڪي ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان گڏجي ڪري ملڪ جي گيس جي ضرورتن جو 77 سيڪڙو پورو ڪن ٿا، انگن اکرن موجب پنجاب پنهنجي گيس جي پيداوار کان 783 سيڪڙو وڌيڪ گئس استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته ٻيا صوبا وڌيڪ توانائي پيدا ڪرڻ باوجود ايتري ترقي ڪري نه سگهيا آهن، هي انگ اکر پاڪستان انرجي بوڪ 2013ع جا آهن، جڏهن ته هاڻي 2018ع ۽ گذريل پنجن سالن ۾ تيل ۽ گئس جا وڌيڪ ڪيئي کوهه کوٽيا ويا آهن.

ڊاڪٽر الهڏنو ميمڻ ۽ امداد الله صديقي جي آگسٽ 2005ع جي لکڻي ”پيٽروليم جيولاجي اينڊ هائيڊرو ڪاربان پراسپيڪٽس آف سنڌ اينڊ پاڪستان“ انتهائي اهم آهي جنهن ۾ هنن چيو آهي ته سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جو سڀ کان پهريون کوهه 1925ع ۾ برما آئل ڪمپنيءَ خيرپور ۾ کوٽيو هو. سندن تحقيق موجب سنڌ ۾ هائڊرو ڪاربانز جون ٻه اهم ريجنز آهن. (1) سنڌ مونوڪلائن، جنهن کي عام طور تي بدين بلاڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. اها خاص طور تي تيل ۽ گيس جي اهم ريجن آهي. (2) سنڌ مونوڪلائن کان ٻاهريون زون، هن ۾ سکر رفٽ زون، مزاراڻي فولڊ زون، کيرٿر ڊپريشن ۽ ڪراچي ڊپريشن جا علائقا شامل آهن. هيءُ خاص طور تي گيس ريجن جا علائقا آهن، هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ ٻه سو کان مٿي تيل ۽ گئس جا کوهه آهن جيڪي مسلسل پيداوار ڏئي رهيا آهن.

سوال هي نه آهي ته سنڌ مان تيل ۽ گئس جا ڪيترا ذخيرا هٿ آيا آهن ۽ ڪيترا ذخيرا پيداوار ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيتري ڏئي رهيا آهن، پر سوال هي آهي ته سنڌ ملڪ جي تيل ۽ گئس جي مد ۾ 70 سيڪڙو کان مٿي پيداوار ڏئي رهي آهي، نتيجي ۾ سنڌ کي ڇا ٿو ملي ۽ انهن علائقن جي عوام کي ڇا ٿو ملي جتان تيل ۽ گئس جا کوهه کوٽيا ويا آهن، ۽ انهن ماڻهن کي ڇا ٿو ملي جن جي زمينن مان تيل ۽ گئس جا کوهه کوٽيا ويا آهن، جواب آهي ته نه سنڌ کي پنهنجي قدرتي وسيلن مان حصو ملي ٿو، نه انهن ماڻهن کي جن ماڻهن جي زمينن مان تيل ۽ گئس نڪتو آهي ۽ نه ئي انهن ماڻهن کي ڪا سهولت آهي جن جي زمينن مان تيل ۽ گئس جا کوهه کوٽيا ويا آهن.

سنڌ ۾ ته ايترو انڌير آهي جو نواز شريف جي گذريل دورن ۾ تيل گئس جا سمورا منصوبا ۽ اسڪيمون پنجاب ۾ شروع ڪيون ويون، جڏهن سنڌ جي وڏي وزير ڳوٺن کي گئس ڪنيڪشن ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪيو ته ان جي احتجاج کي به ڪا موٽ نه ڏني وئي، سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي ڪنهن کي ٿي ملي ۽ ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ان جي ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي. تلخ حقيقت ته اها آهي جو انهيءَ ڏس ۾ جڏهن به سنڌ حڪومت ڪو مطالبو ڪري ٿي ته وفاقي حڪومت ڪيئي قانون جوڙي سنڌ جا هٿ پير ٻڌي ٿي ڇڏي.

تيل ۽ گئس جي رائلٽيءَ بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران 2013ع ۾ ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌريءَ از خود نوٽيس ورتو هو جڏهن هو ٽنڊو آدم بار ايسوسيئيشن جي حلف برداريءَ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيو هو، ان موقعي تي عبدالحڪيم کوسي سپاس نامو پيش ڪندي تيل ۽ گئس جي مسئلن سميت ٻين مسئلن جو ذڪر پڻ ڪيو هو ۽ چيف جسٽس کان تيل ۽ گيس جي رائلٽي ڏيارڻ جي پڻ گهر ڪئي هئي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ ان سپاس نامي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ان کي پٽيشن ۾ تبديل ڪيو جنهن بعد تيل ۽ گيس جي رائلٽي بابت باقائدي ڪيس هليو جنهن ۾ تيل ۽ گيس جي رائلٽي بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ فارمولو طئي ڪيو.

اطلاع آهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ تيل ۽ گيس جي سرڪاري ۽ خانگي ڪمپنين خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ترقياتي فنڊن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ان دوران عدالت قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي سيءَ جي رپورٽ رد ڪندي ڪمپنين جو 1949ع کان اڄ تائين جو رڪارڊ گهري ورتو، عدالت جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 1995ع کان وٺي بدمعاشي هلي رهي آهي، ان موقعي تي موجود سنڌ حڪومت جي ايڊووڪيٽ جنرل مصطفيٰ مهيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪمپنين کي رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪرڻ تائين تيل ۽ گئس جي پيداوار کان روڪيو وڃي.

سنڌ ۾ تيل، گئس ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ جي حوالي سان صورتحال انتهائي سنگين آهي، مجموعي صورتحال مان پڌرو ته اهو پيو ٿئي ته سنڌ جي قدرتي وسيلن جي حاصلات، استعمال ۽ مالڪيءَ جي حوالي سان يا سري سان ڪو قانون ئي نه آهي يا آهي ته ان تي ڪو عمل ئي نه پيو ٿئي، بس هڪڙو ئي قانون آهي ته جيتري سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي سگهي اها ڪجي، ان ڏس ۾ ڪا پابندي نه آهي.

اسين ان موقعي تي پنهنجي پاران فقط صورتحال پيش ڪرڻ ئي ڪافي سمجهنداسين، باقي سپريم ڪورٽ جي اڳئين چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جيڪو فارمولا طئي ڪيو هو ان تي عمل ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت آئين مطابق جيڪي حق صوبن کي ملڻا آهن، قدرتي وسيلن جي ورهاست سميت انهن کي ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺي، تيل ڪمپنيون جن علائقن مان تيل نڪري ٿو يا جن ماڻهن جي زمين مان تيل نڪري ٿو انهن کي قانون مطابق حصو ڏين ۽ علائقي جي ترقيءَ جي عمل ۾ شريڪ ٿين. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جيڪي ريمارڪ جاري ڪيا ويا آهن، اسان سمجهون ٿا ته اهي صورتحال پٽاندڙ آهن ۽ اها پڻ اميد ڪيون ٿا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 1925ع کان وٺي 2018ع تائين قدرتي وسيلن جي ڏس ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ٿيندڙ زيادتيءَ متعلق انصاف ڏياريندي ۽ ان ڏس ۾ انصاف فراهم ڪري عدالت جو مان مٿاهون ڪندي. سنڌ سان انصاف جو مقصد ٿيندو وفاق جي مضبوطي ۽ استحڪام.

خميس پهرين نومبر 2018ع، 22 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے