13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز: اسلام ڪوٽ: راڻا همير سنگهه ٿر جي مسئلي جو حل ٻڌائي ڇڏيو

*پ پ ايم پي اي راڻا همير سنگھ سوڍو چيو آهي ته ڏڪار جو حل موجود آهي انهي تي ڪم ڪرڻ ڪي ضرورت آهي.

ايم پي اي راڻا همير سنگھ ايم.پي اي چونڊجڻ بعد اسلام ڪوٽ جي  مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ماڻهن سان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا ٻڌا.

 اسلام ڪوٽ جي وارڊ نمبر هڪ  ۾ راجپوت برادري طرفان سندن مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي .

 ان موقعي تي ميڊيا سان  ڳالهائيندي راڻا همير سنگھه چيو ته ٿر جو وڏو مسئلو لينڊ پاليسي جو آهي جيڪو حل نه ٿيڻ ڪري عام ماڻهو دربدر آهي.

هن چيو ته ٿر ۾ ڏڪار جي حل لاءِ  ماڻهن کي زرعي پاڻي فراهم ڪري ڏيڻو پوندو اهو ئي ٿر جي ڏڪار واري مسئلي جو مستقل حل آهي.

هن چيو ته هتان جي ماڻهن جو وسيلو چوپايو مال ۽ زمين آهي انهي زمين ۽ پاڻي ملڻ سان ڏُڪار کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو جنهن جو مثال راجستان ۾ آهي اتي ماڻهن کي سرڪار زمين ۽ پاڻي ڏنو آهي جتي خوشحالي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے