*شادي لارج ۾ پيرسن کوسڪي پوليس جي مبينا زيادتين خلا ف احتجاج ڪيو .
پيرسن فيض محمد لنڊ ٻڌايو ته علائقي جي بااثرن منهنجو پاڻي زبردستي ٽوڙيو، هن ايس ايڇ او کوسڪي وٽ شڪايت ڪئي .
پيرسن ٻڌايو ته هن کان ايس ايڇ او کوسڪي بهادر جمالي گاڏي جي تيل جا ٻه هزار وٺي معاملي جي جاچ جو چئي موٽائي ڇڏيو.
پيرسن ٻڌايو ته هو ٻئي ڏينهن ٿاڻي تي ويو ته پوليس کيس تشدد ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو ۽ پنج هزار رشوت عيوض آزاد ڪيو .
پيرسن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي