18 اتوار , نومبر 2018

عوام تي وري ڪيرايل مهانگائي بم

تحريڪ انصاف جي حڪومت بعد جيتوڻيڪ حڪومت پاران بدحال معيشت کي سنڀالڻ لاءِ ڪيئي ڪوششون ڪيون ويون آهن، ته جيئن ملڪ جي بدحال معيشت کي سنڀالي سگهجي، انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جيڪي قدم کنيا آهن انهن ۾ اهم قدم سعودي عرب کان ورتل 3 ارب ڊالرن جو قرض ۽ ٽي ارب ڊالرن جو اوڌر تي تيل ۽ ان سان گڏ سعودي عرب حڪومت کان پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ هڪ ارب ڊالرن جي ڊپازٽ ته جيئن ملڪ جي معيشت کي سنڀالي سگهجي ۽ ملڪي سڪي روپئي جي قدر کي قائم رکي سگهجي جيڪو مسلسل لاٿ ۾ آهي، ڊالر سڄي دنيا ۾ ڪرنسين جو هڪ بين الاقوامي معيار آهي جنهن سان هر ملڪ جو سڪو سلهاڙيل آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ ترقي تڏهن ليکي ويندي آهي جڏهن ان ملڪ وٽ پرڏيهي مٽا سٽا جو ناڻو ڊالر جي ملهه ۾جهجهو هُجي، ٻي صورت ۾ ان ملڪ جي معيشت جو ڏيوالو نڪري ويندو، پر انهن سڀني ڳالهين مان جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي اها آهي ان ملڪ ۾ مهاناگيءَ جو وڌڻ، دنيا جي جنهن به ملڪ جي ڪرنسي جو ملهه گهٽبو ته ان ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي جيئن پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي،

تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد روپئي جي ملهه ۾ بي انتها لاٿ ٿي، ايتري قدر جو 136 روپيا برابر 1 ڊالر، جيڪو اڳ 110 روپين تائين هوندو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد ان جي قيادت جو پڻ اهو ئي چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي آهي يا ملڪ جي معيشت جو جيڪو برو حال آهي اسان ان جا ذميوار نه آهيون اها سموري تباهي گذريل حڪومتن ۾ آيل آهي ۽ اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو هڪ طوفان اچي ويو آهي، جنهن جو سبب پيٽروليم جي شين سميت گيس، سي اين جي ۽ اين ايل جي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ آهي، ظاهر آهي جڏهن تيل مهانگو ٿيندو ته هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي، مهانگائي آهي جو بيهڻ جو نالو نه ٿي وٺي معيشت آهي جو تحريڪ انصاف جي حڪومت کان سنڀالجي نه ٿي سگهي.

تازن اطلاعن موجب وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ دفعو وري اضافو ڪري ڇڏيو آهي.ٽن مهينن ۾ هي ٽيون دفعو آهي جو تحريڪ انصاف جي حڪومت پيٽروليم جي شين ۾ اضافو ڪيو آهي، ناڻي واري وزارت وزيراعظم عمران خان سان صلاح مشوري کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ 5 رپيا في ليٽر  ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 37 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 رپيا في ليٽر اضافي جي منظوري ڏني آهي. نوان اگهه چوويهن ڪلاڪن اندر لاڳو ٿي ويندا. واضح رهي ته اوگرا پيٽرول جي ملهه ۾ 9 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي ملهه ۾ 13 رپيا في ليٽر اضافي جي سفارش ڪئي هئي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت بعد ملڪ جي تباهه حال معيشت کي سنڀالڻ ۽ ڏيڻ لائق پرڏيهي قرضن کي لاهڻ لاءِ جيڪي به اپاءَ ڪيا آهن اهي انتهائي ناڪافي آهن، تحريڪ انصاف پنهنجي ٽن مهينن جي حڪومت ۾ نه ته ملڪي معيشت کي سنڀالڻ لاءِ ڪو روڊ ميپ ڏئي سگهي آهي ۽ نه ئي وري ملڪي قرض لاهڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي واضع ڪري سگهي آهي، قرض لاهڻ لاءِ قرض وٺڻ ۽ ملڪي وهنوار هلائڻ لاءِ پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ بي انتها واڌارو ڪري مهانگائيءَ جو طوفان برپا ڪرڻ، تحريڪ انصاف جي هن وقت تائين جي حڪومت ۾ فقط اهي ٻه ڳالهيون واضع طور تي ڏسي سگهن ٿيون.

ملڪ جي ڪيتٿرن اقتصادي ماهرن توڙي عام سياسي ۽ معاشي سمجهه رکندڙ ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪ قرض ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ۽ ملڪ ۾ اقتصادي بحران اچي وڃي ٿو ته ان مسئلي جو سڀ کان اهم پهريون حل اهو آهي ته ملڪ جي اقتصادي وهنوار کي بهتر بڻايو وڃي، ملڪي معيشت کي ترقي ڏني وڃي، ملڪي ڪاروبار واڌايو وڃي ۽ ملڪ جي پيداوار ۾ اضافو ڪري انهن شين جو پرڏيهي واپار هر طرح ممڪن بڻايو وڃي، پر افسوس آهي جو تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران اهڙي ڪا به حڪمت عملي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي جنهن ڪري ملڪ ۾ هڪ طرف بي روزگاريءَ جو طوفان برپا ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف قرضن جو بار وڌي رهيو آهي، اسين تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ شامل وزيرن مشيرن ۽ خاص ڪري اقتصادي ماهرن کي فقط اها ئي گذارش ڪنداسين ته وڌ ۾ وڌ ملڪ جي معاشي پيداوار کي وڌايو وڃي ۽ ان جي پرڏيهي واپار کي موثر ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ صنعتن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ سان گڏ پاڪستان جا جيڪي پرڏيهي دنيا ۾ اقتصادي اتاشي مقرر آهن انهن کي سرگرم ڪيو وڃي ته پاڪستان جي شين لاءِ سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ تلاش ڪن ۽ پرڏيهي دنيا کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي ان متعلق پاڪستان جي صنعتن کي مڪمل ۽ جامع معلومات فراهم ڪن.

اسين اهو سمجهڻ کان لاچار آهيون ته ملڪ جي معيشت ايلازن منٿن تي قرض وٺي ڪيئين ٿي بهتر بڻائي سگهجي، جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي قيادت اهو سمجهي ٿي ته مهرباني ڪري عوام کي به سمجهائي ڇاڪاڻ جو هاڻي ماڻهو لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

جمعو 2 نومبر 2018ع، 23 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے