18 اتوار , نومبر 2018

حڪومت ۽ مذهبي ڌرين ۾ ٿيل سرچاءُ

آسيه بي بي ڪيس جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ پاران فيصلو صادر ڪندي کيس آزاد ڪيو ويو ، مبينه طور تي آسيه بي بيءَ تي الزام هيو ته هُن  ” توهين رسالت“ ڪئي آهي، مٿس اهڙي الزام بعد سندس ڪيس لوئر عدالت کان لاهور هاءِ ڪورٽ تائين هليو جتان کيس سزا ملي ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل بعد ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿئي ۽ اٽڪل هڪ سال بعد سپريم ڪورٽ کيس بي گناهه قرار ڏيندي آزاد ڪيو، آسيه بي بيءَ جي آزاديءَ بعد سڄي ملڪ ۾ انتها پسند مذهبي ڌرين پاران احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ملڪ جون اهم شاهراهون، مکيه شهرن جا اهم رستا بند ڪري سموري ٽريفڪ جام ڪئي وئي جنهن ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو هو، ڪيئي هنڌن تي ته ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن پڻ ڏيڻو پيو، آسيه بي بي توهين رسالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ٿيندڙ احتجاجن جي رد عمل ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جنهن جج آسيه بي بي توهين رسالت ڪيس ۾ کيس بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، اهو جج به ڪنهن کان گهٽ عاشق رسول نه آهي.

آسيه بي بي ڪيس جي فيصلي بعد احتجاجن ڪري گذريل ڪافي ڏينهن کان نه فقط عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو هو، پر ان سان گڏ عوام جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي، سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ حاضري گهٽجي وئي هئي ،اسٽاڪ ايڪسچينج سميت سمورن ڪاروباري ادارن ۾ ڪاروبار کي ڌڪ لڳو ، ڌرڻن ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ڪيئي هنڌن تي تشدد جو عنصر پڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي جنهن دوران عام ماڻهن جي گاڏين، ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن کي سخت نقصان پهچايو ويو ۽ ڪجهه هنڌن تي رستا کولڻ جي گهر ڪندڙ عام ماڻهن کي پڻ تشدد جو نشانو پڻ بنايو ويو، انتها پسند مذهبي ڌرين پاران ڌرڻن دوران جيڪي به اڻ وڻدڙ واقعا پيش پئي ٿيندا رهيا انهن تي نه ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪو قدم کنيو ۽ نه ئي پوليس ڪا ڪارروائي ڪئي ۽ سرڪار به مجموعي طور تي انتهائي غير موثر هجڻ جو ثبوت ڏنو.

گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ملڪ ۾ جهڙي نموني مذهبي پرچار جو سلسلو شروع ٿيو هو ان جي نتيجي ۾ مذهبي فڪر جو هڪ انتهائي سخت گير ۽ انتها پسند رجحان پيدا ٿي پيو هو، جنهن ڪري سموري معاشري تي ناڪاري اثر پئجي رهيا هيا، مذهب جي انسان دوست ۽ معتدل رويي ۾ سختي اچڻ بعد مذهب جي نالي تي ڪيئي انسان دشمن ڪارروايون ٿيڻ به جهڙوڪر عام جام پئي رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا ڳالهه انتهائي خطرناڪ نموني نروار ٿي هئي اها آهي مذهب کي پنهنجي پنهنجي نقطئه نگاهه ۽ فڪر سان ڏسڻ ۽ هر غير مسلم کي حقير سمجهڻ جهڙا رويا خود مذهب جي به خلاف آهن، اسلام ۾ ته اهڙن روين جي ڪا گنجائش ئي نه آهي.

آسيه بي بي ”توهين رسالت“ ڪيس جي فيصلي بعد سڄي ملڪ ۾ انتها پسند مذهبي ڌرين پاران جيڪي احتجاج ڪيا ويا اهي ايترا ته شديد هيا جو حڪومت کي انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين سان رابطا ڪرڻا پيا پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ( ن ) جي اڳواڻ شهباز شريف سان ڳالهين لاءِ ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون، جڏهن ته حڪومتي ڌر پاران وزير اعظم ايوان ۾ اچي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته اڄ صورتحال اها آهي جو ٻار اسڪول نه ٿا وڃي سگهن، ماڻهو گهرن ۾ بند آهن جيڪڏهن ادارن درست ڪم نه ڪيو ته ملڪ ۾ فساد پکڙجي ويندا، جڏهن ته فواد چوڌريءَ جو چوڻ هو ته اسان نقصان نه ٿا چاهيون پر ڪير ان دوکي ۾ نه رهي ته ڪو رياست ڪمزور آهي، اسان تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ نه ٿا چاهيون تنهنڪري احتجاج ڪندڙن کي پرامن رستو ڏيڻ ٿا چاهيون.

اڄ جيڪا صورتحال آهي ان متعلق ملڪ جون اڪثر ساڃاهه وند ڌريون، پارٽيون، ماڻهو ۽ حلقا سڌي ۽ اڻ سڌي نموني اهو چوندا پئي رهيا آهن ته رياست جي سرپرستيءَ ۾ جيڪڏهن مذهبي ڌرين جي آبياري ٿيندي ته پوءِ هڪ ڏينهن اهو به اچي ويندو جو ملڪ ۾ هر طرف انتها پسند مذهبي فڪر جا پيروڪار هوندا ۽ حڪومت سندس آڏو مجبور هوندي، اڄ اها صورتحال سڀ جي سامهون آهي.

آسيه بي بي ”توهين رسالت“ ڪيس جو فيصلو ملڪ جي اعلى عدالت ڪيو آهي، ظاهر آهي اهو فيصلو اهم آهي جنهن تي ڪيئي ماڻهن ۽ ڌرين کي اعتراض ٿي سگهن ٿا، پاڪستان جي مجموعي طور تي آبادي پنجويهه ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل آهي جن مان تقريبا اسي سيڪڙو آباديءَ جو مذهب اسلام آهي، اسي سيڪڙو آباديءَ جو مقصد ٿيندو ويهه ڪروڙ ماڻهن، آسيه بي بي ”توهين رسالت“ جو فيصلو ميڊيا ذريعي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو آهي جنهن بعد اها اميد هُئي ته ملڪ جي اندورني معاملن مان ڪنهن هڪ معاملي ۽ مسئلي جي پڄاڻي ٿي ۽ وري ڪنهن ٻئي مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون وٺجن ته جيئن ملڪ جي ترقيءَ جي سامهون ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري اڳتي وڌي سگهجي.

اسين سمجهون پيا ته ملڪ جي هن نازڪ صورتحال ۾ جيترو جلد ٿي سگهي ملڪ جا اندورني مسئلا ۽ مامرا حل ڪري امن امان جون حالتون بهتر بڻايون وڃن جيڪي مجموعي طور تي ملڪ جي معاشيءَ ترقيءَ لاءِ ڪي سگهارا بنياد فراهم ڪري سگهن، هڪ خيال اهو به هو ته ڪنهن به مامري کي سبب بڻائي احتجاج ڪري ملڪ جي امن امان لاءِ خطرو ٿيندڙ عمل کي سختيءَ سان منهن ڏنو وڃي. پر خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته حڪومت آخرڪار ڳالهين سان مذهبي ڌرين کان احتجاج ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.

ڇنڇر 3 نومبر 2018ع، 24 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے